ڪورونا وائرس: راولپنڊي ۾ عورت زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي، هزار کان مٿي متاثر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ هڪ عورت دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 8 ۽ متاثرن جو انگ 1059 ٿي ويو آهي.

راولپنڊي جي ڪمشنر موجب ڪورونا وائرس ۾ ورتل عورت اڄ لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ 21 مارچ کان علاج هيٺ هئي ۽ ٻاهرين ملڪ سفر ڪري پاڪستان موٽي هئي.

ان کان اڳ خيبر پختونخواهه ۾ 3، بلوچستان، گلگت بلتستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ – هڪ شخص ڪورونا وائرس سبب حياتي وڃائي چڪو آهي.

اڄ ملڪ ۾ مجموعي طور 69 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان خيبر پختونخواهه ۾ 39، پنجاب ۾ 16، بلوچستان ۾ 9، سنڌ ۾ 3، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جو هڪ – هڪ شخص شامل آهن.

نون ڪيسن جي تصديق کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 1059 ٿي ويو، جڏهن ته عالمي وبا مان هن وقت تائين 20 ڄڻا صحتياب ٿيا آهن، جن مان 14 جو واسطو سنڌ، 4 جو گلگت بلتستان ۽ 2 جو اسلام آباد سان آهي.

پنجاب

پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ان وبا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 2 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اڄ وڌيڪ 16 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 312 ٿي ويو.

ان ڏس ۾ راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب هڪ عورت اڄ لاڏاڻو ڪري وئي، جيڪا 21 مارچ کان علاج هيٺ هئي ۽ ٻاهرين ملڪ سفر ڪري واپس موٽي هئي.

خيبر پختونخواهه

خيبر پختونخواهه ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 39 ڪيس سامهون آيا، جن جي تصديق صحت واري وزير تيمور سليم جهڳڙا ٽوئيٽ ذريعي ڪئي.

هن ٻڌايو ته مردان جي يونين ڪائونسل منگا ۾ 46 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 39 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 4 جي ٽيسٽ ناڪاري آئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويندڙ پهرين مريض جو واسطو به يوسي منگا سان هو.

ڪي پي صوبي ۾ 39 نون ڪيسن جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 117 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

سنڌ

سنڌ ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ مجموعي انگ 413 ٿي ويو.

بلوچستان

بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس سامهون آيا.

ان ڏس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري فضيل اصغر ٻڌايو صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا مجموعي ڪيس 119 ٿي ويا آهن.

اسلام آباد

سرڪاري پورٽل موجب اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن هڪ ڪيس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ مريضن جو مجموعي انگ 16 ٻڌايو ويو آهي.

گلگت بلتستان

سرڪاري پورٽل ۾ گلگت بلتستان ۾ اربع ڏينهن ڪورونا جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ اتي مجموعي انگ 81 ٿي ويو آهي پر حڪومتي ترجمان طرفان اهڙي تصديق ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.