مقصودي رند ۽ ڀرپاسي لاڪ ڊائون ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، خلاف ورزي ڪندڙ 4 ڄڻا گرفتار

مقصودو رند (ن ع آ)ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سڄي سنڌ جيان مقصودو رند ۔لنڊو ۔معروف ڏاهري ۾ ٻئي ڏينهن تي لاڪ ڊائون جاري رهيو ۽ عوام گهرن تائين محدود رهيو کاڌي پيتي وارا دڪان ۔ ميڊيڪل اسٽور ۽ پيٽرول پمپ کليل رهيا ۽ ٻيو سمورو ڪاروبار مڪمل بند رهيو جڏهن ته مقصودو رند پوليس شهر ۾ گشت جاري رکيو ۽ وزير رند ۔خيرمحمد سميت چئن ڄڻن  کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

شاهپورجهانيان ويجهو پاڪستان زنده باد مومينٽ سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر جو چاچو لاڏاڻو ڪري ويو

شاهپورجهانيان (ن ع آ)شاهپورجهانيان ويجهو ڳوٺ محمد جمن ڏاهري ۾ نامياري سماج سڌارڪ ۽  پاڪستان زنده باد موومينٽ سنڌ جي صوبائي ڪو آرڊينيٽر انجنيئر محمد اويس ڏاهري جو 52 ورهين جو چاچو حاجي محمد صديق ڏاهري پنهنجي گهر اندر اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جون آخري رسمون ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ ادا ڪيون ويون جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم۔پي۔اي۔سردار خان محمد ڏاهري۔ٽائون چيئرمين حاجي خالد آرائين۔صحافين منٺار ڏاهري۔عبدالعزيز چنا۔ اختر آزاد ڏاهري سميت وڏي انگ ۾ سياسي،سماجي، علمي ادبي شخصيتن توڙي عام ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.