ڪلوئي ۾ سرن جا بٺا هلندڙ، پورهيت ڪم ۾ رڌل:ڪورونائي خطرو نظرانداز

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) سنڌ حڪومت پاران پوري سنڌ کي لاڪ ڊائون ڪرڻ اعلان بعد تعلقو ڪلوئي مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ٽي ڏينهن اڳ پوري سنڌ کي بند ڪرڻ جي اعلان بعد ڪلوئي شهر ستون ميل بلوچ آباد ونگو پتڻ مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن ماڻهن پاران سنڌ حڪومت جي ڪيل اعلان جي ڪلوئي تعلقي جي ماڻهن پاران آجيان ڪندي گهرن تائين محدود بڻجي ويا آهن جڏهن ته پوري سنڌ لاڪ ڊائون باوجود ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ونگو ، بلوچ آباد ، ڪاجهر ، نيوي چڪ ۽ ٻين علائقن ۾ قائم ڪوئلي جي ڪپن بٺين ۽ بٺن جي مالڪن پاران حڪم کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو آهي ۽ سندس بٺن تي سوين مزدور گڏ ٿي ڪري پورهيو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته بٺن جي دونهن سبب اڳ به ڪيترائي ماڻهو ساهه جي تڪليف ڦڦڙن جي بيماري ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا بڻيل آهن ۽ بٺي جا مزدور ڪرونا وائرس مرض کان لاتعلق بڻيل آهن جڏهن ته ڪلوئي جي رهواسين محمد رمضان لنڊ عبدالرزاق کوسو منظور لنڊ عزيز ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته هڪ طرف سنڌ حڪومت پوري سنڌ کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ٻئي طرف هتي بااثر بٺين ڪوئلي جي ڪپن ۽ بٺا مالڪن سنڌ حڪومت جي حڪمن کي تڏي ڇڏيو آهي ۽ سوين مزدور بٺن تي گڏ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اتي نه صفائي جي سهولت آهي نه ئي وري ڪا اسپتال جي سهولت آهي هتي پري پري جا مزدور ڪم ڪن ٿا هتي وبا ڪرونا جي پکيڙجڻ جو خدشو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عارضي طور تي بٺا بٺيون ۽ ڪوئلن جا ڪپ بند ڪيا وڃن ۽ بٺي مالڪ جيڪي لکين رپيا ڪمائين ٿا انهن کي بائونڊ ڪيو وڃي ته اهي پنهنجي مزدورن کي راشن مهيا فراهم ڪيو وڃي هنن سنڌ حڪومت ضلع انتظاميا کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.