کوسڪي جي بندش برقرار، غريب ماني لاءِ محتاج

کوسڪي (ن ع آ ) کوسڪي شھر ٻي ڏينهن به لاڪ ڊائون رھيو پوليس ماڻهن کي گھرن تائين محدود  رکڻ لاء شھر جي مک چوراهن تي ويهي هر ايندڙ ماڻهو کي واپس  گهرن ڏانهن موڪلڻ لاء پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آھي ٻئي پاسي کوسڪي پريس ڪلب جا صحافي صبح سان ئي سرڪار طرفان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺي عوام الناس کي ڪرونا جهڙي مهلڪ مرض کان پاڻ کي ۽ پنهنجي گهروارن کي محفوظ رکڻ ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ جو چيو جڏهن ته کوسڪي جا ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيت سخت پريشان آهن .امداد جا اعلان فقط اعلان ئي رھجي ويا غريب ماني ڳڀي لاء به پريشان ڪو به چونڊيل نمائيندو غريب وٽ لڙي نه آيو پورھيتن جو وزير اعظم عمران خان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.