ڪورونا وائرس ڪيترو ته زبردست آهي..!

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي پاپ ڳائڻي ميڊونا ڪورونا وائرس بابت وڊيو شيئر ڪرڻ تي تنقيد جي ور چڙهي وئي.

61 سالن جي ڳائڻي ميڊونا پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ گلاب جي گلن سان ڀريل پاڻي جي ٽپ ۾ ويٺل آهي.

ميڊونا پنهنجي وڊيو ۾ چئي رهي آهي ته ڪورونا وائرس کي ان ڳالهه سان ڪو مطلب ناهي ته توهان ڪيترا امير آهيو، ڪيترا مشهور آهيو، ڪيترا غريب آهيو، توهان جي قوميت، رنگ عمر ۽ جنس ڇا آهي.

وڊيو ۾ ڳائڻي اهو به چئي رهي آهي ته ڪورونا وائرس ڪيترو زبردست آهي جو هن سڀني کي هڪ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن ڪورونا وائرس جهڙي وبا کي زبردست مساوات جو ذريعو قرار ڏنو ۽ چيو ته ان وبا سڀني کي هڪ ٻيڙي جو مسافر بڻائي ڇڏيو آهي.

پاپ ڳائڻي جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ الزام لڳايو ويو ته هو وبا بابت ماڻهن کي گمراهه رهي آهي.

تنقيد ٿيڻ بعد ميڊونا پنهنجا انسٽاگرام تي اها وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي پر ڪيترين ئي ويب سائيٽن تي ڄاڻايل وڊيو اڃا به موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.