عوام کي گهر ويهارڻ لاءِ ترڪ فنڪار ڇا ڪري رهيا آهن؟

 

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ لاءِ فنڪارن حڪومت جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سوشل ميڊيا تي عوام لاءِ ڪنسرٽ ڪري رهيا آهن.

ڪورونا وائرس سبب ترڪي جي حڪومت طرفان گهرن ۾ رهڻ جي اپيل تي سهڪار لاءِ ڪيترن ئي فنڪارن سوشل ميڊيا صحفن تي هر شام ڪنسرٽ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

اختيارين طرفان عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي تنبيهه تي فنڪار به عمل ڪري رهيا آهن ۽ گڏيل اتحاد لاءِ يوٽيوب، انسٽاگرام، فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر جهڙن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پنهنجي هزارين فالوئرز لاءِ گيت ڳائي رهيا آهن.

انٽرنيٽ تي ڪيترائي موسيقار به پنهنجي سازن سان انهن گلوڪارن جي هوم ڪنسرٽن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن.

موسيقار انهن ڪنسرٽن دوران عوام کي گهرن جي رهڻ جي اپيل به ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.