ڪورونا وائرس بابت جوفرا آرچر جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي..؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي حوالي سان انگلش فاسٽ بالر جوفرا آرچر جي 6 سال پراڻي ٽويٽ وائرل ٿيڻ لڳي.

جوفرا آرچر آگسٽ 2014ع ۾ هڪ ٽويٽ ڪئي هئي ته ’’ڪا به جڳهه کليل نه رهندي، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي‘‘.

ٽويٽر برداري ان ٽويٽ کي ڪورونا وائرس جي اڳڪٿي قرار ڏئي رهي آهي، ان حوالي سان انگلش ڪرڪيٽر جوفرا آرچر کي مختلف لقب به ڏنا پيا وڃن.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب اڄ سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال آهي جڏهن ته عالمي وبا سبب سموري دنيا ۾ وڏي پئماني تي تقريبون، رانديون، اجلاس، ملتوي ٿي چڪا آهن ۽ ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.