همايون سعيد ۽ عدنان صديقي ڪورونا کان بچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪار همايون سعيد ۽ عدنان صديقي ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا مان واپسي بعد ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا ناڪاري آئي آهي.

اداڪار همايون سعيد پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي مداحن کي آگاهه ڪندي چيو ته عدنان ۽ منهنجي ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا ناڪاري آيا آهن، پر اسان 14 ڏينهن لاءِ مڪمل طور تي قرنطينا جي حوالي ٿينداسين ۽ حفاظتي اپاءَ اختيار ڪنداسين.

اداڪار مداحن پاران دعا ۽ پيار تي سندن ٿورا مڃيا ۽ سڀني کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.