آمريڪي اداڪارا ديبي مزار به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا، قرنطينا ۾ داخل

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا ديبي مزار به عالمي وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

آمريڪي اداڪارا ديبي مزار  پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي اعلان ڪيو ته هوءَ به عالمي وبا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 55 سالن جي ديبي مزار ٻڌايو ته گذريل هفتي مون مقامي سهولت سينٽر کان ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي آهي، مونکي اميد آهي ته آئون بدترين صورتحال کان گذري چڪي آهي.

ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد ديبي مزار مڙس ۽ ٻن ڌيئرن سان گڏ قرنطينا ۾ داخل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.