سوڀوديرو، ڳڙهي ياسين، نوابشاهه، ڪوٽڙي ۽  ٽنڊو غلام حيدر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون

عوامي آواز رپورٽ
سوڀوديرو، ڳڙهي ياسين، نوابشاهه، ڪوٽڙي ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون
عوامي آواز رپورٽ سوڀوديرو، ڳڙهي ياسين، نوابشاهه، ڪوٽڙي ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون

 

 

 

ڪورونا وائرس جي خطري سبب سنڌ حڪومت جي اعلان تي لاڪ ڊئون جي ٻئي ڏهاڙي تي سوڀوديرو، ڳڙهي ياسين، ٽنڊوغلام حيدر ، ڪوٽڙي ۽ نوابشاهه ۾ مڪمل لاڪ ڊائون

سوڀوديرو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو مزمل حسين ٻگھيو آرمي جي جوانن، رينجرس جي جوانن،  ايس ايڇ او قاضي محمد بچل ۽ ٻين کي ساڻ ڪري سوڀوديرو شھر جي مختلف هنڌن تي وزٽ ڪري شھر کي لاڪ ڊائون ڪرايو

ڳڙهي ياسين ۾ سنڌ حڪومت جي اعلان کي موٽ ڏيندي شهرين شهر مڪمل بند رکيو

ايس ايس پي شڪارپور، ڊي سي شڪارپور ۽ ڊي ايس آر رينجرس اهلڪار ساڻ ڪري ڳڙهي ياسين شهر جو دورو ڪيو، ٻئي طرف ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين گلزار علي ٻرڙو پوليس اهلڪار ساڻ ڪري شهر جي مخلتف هنڌن تي لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙ 15 کان وڌيڪ ماڻهن گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر ۾ به سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري فيصلي بعد سمورو شهر بند رهيو  جنهن ڪري مزدور طبقو بکون ڪاٺڻ تي مجبور آهي

سوشل ورڪر سردار غلام مرتضي لغاري،حاجي حسين بخش چانڊيو ۽ ڪاشف سمون  پاران مسڪين خاندانن ۾ راشن جا ٿيلھا تقسيم ڪيا

ڪوٽڙي ۾ به سنڌ حڪومت پاران ڪيل لاڪ ڊائون جي ٻئي ڏينهن تي به شهر مڪمل بند رهيو

پوليس ۽ رينجرس پاران سموري شهر جو گشت جاري رهيو سائيٽ ايريا ۽ خورشيد چوڪ تي ڪجھ نوجوانن پاران لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي کين پڪڙي ڪن ڪوشي ڪرائڻ بعد ڇڏيو ويو

نوابشاهه شھر ۾ به ڪرونا وائرس کان محفوظ رھڻ لاءِ  لاڪ ڊائون جي فيصلي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ مرد پوليس اھلڪارن سان گڏ ليڊيز پوليس اهلڪار سب انسپيڪٽر مريم ڀرٽ جي قيادت ۾ شھر ۾ گشت ڪرڻ سان گڏوگڏ دوڪان بند ڪرايا جڏهن ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ ويهن  ماڻهن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي موڪلي ڇڏيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.