نوابشاهه: ٿيليسيميا سينٽر ۾ خطرناڪ صورتحال، سوين مريضن جي حياتين کي خطرو

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: ٿيليسيميا سينٽر ۾ خطرناڪ صورتحال، سوين مريضن جي حياتين کي خطرو
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: ٿيليسيميا سينٽر ۾ خطرناڪ صورتحال، سوين مريضن جي حياتين کي خطرو

 

 

نوابشاهه جي ٿيليسميا سينٽر ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن سبب سوين مريضن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون

ٿيلسيميا سينٽر جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر صادق سيال جو چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون جو فيصلو ٿيل آهي ۽ اسان رت وٺڻ لاءِ ڪيمپون تعليمي ادارن، ضلعي پوليس هيڊ ڪوارٽر آفيسين ۽ مختلف شهرن ۾ هڻندا آهيون جتي مخير ماڻهو رت جو عطيو ڏيندا آهن هن چيو ته  هينئر تعليمي ادارا بند آهن شهرن ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ رت ملڻ جو ذريعو ختم ٿي ويو آهي ۽ اسان هينئر بحران واري صورتحال ۾ اچي ويا آهيون

هن چيو ته اسان وٽ سنڌ جي 15 ضلعن جا 1400 مريض ايندا آهن هن چيو ته 300 ٿيلسيميا جا مريضِ پائپ لائين ۾ آهن جيڪي رجسٽرڊ ٿيڻ جي لاءِ تيار آهن پر گنجائش نه هجڻ جي ڪري اسان انهن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي

هن چيو ته هينئر اسان وٽ صرف ٻن ڏينهن جو رت موجود آهي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ صورتحال خراب ٿي ويندي ۽ ٿيلسيميا جي مريضن جي حياتي بچائڻ لاءِ صرف واحد ذريعو رت آهي جيڪڏهن رت نه ملندو ته هنن 1400 ٿيلسيميا جي مريضن جون حياتيون خطري ۾ پئجي وينديون

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.