ڪورونا وائرس: صحت جي ماهرن جو شادي شده جوڙن کي اهم مشورو

ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي جيتوڻيڪ ڪيترا ئي حفاظتي بندوبست ڪندي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي پر ان باوجود ماهرن هڪ ئي گھر ۾ رهندڙ ڀاتين کي هڪ ٻئي کان پري رهڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن.

صحت جي عالمي اداري جا ماهر حڪومتن ۽ صحت جي ماهرن کي رضاڪاراڻي طور تي هڪ ٻئي کان مفاصلو رکڻ  جو مشورو ڏئي رهيا آهن.

سڄي دنيا ۾ سماجي وِٿي جي مشورن کان پوءِ يورپ ۾ شادي شده جوڙا صحت جي ماهرن کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا ته ڇا زال ۽ مڙس به هڪ ٻئي کان پري رهن ۽ هو هڪ ٻئي سان ڪنهن به طرح جي ازدواجي لاڳاپڻ کان پاسو ڪن؟

برطانوي رياست انگلينڊ جي عوامي صحت بابت ڪم ڪندڙ سرڪاري اداري ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکڻ سوڌو ٻين اهم حوالن  سان پنهنجي تجويزن کي اپ ڊيٽ ڪندي جوڙن کي مشورو ڏنو ته هو به هڪ ٻئي کان فاصلي تي رهن ته بهتر آهي.

ماهرن تجويز ڏني ته گھرن تائين محدود رهڻ جي عمل دوران جيڪڏهن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ شخص کي بخار يا نزلو وغيرهه آهي ته هڪ ٻئي جي ويجهو نه وڃن ۽ نه ئي هڪ هفتي تائين هم بستري ڪن.

ماهرن موجب جيڪڏهن بخار، نزلو ۽ کنگھه مان اهو ثابت نه ٿيندو ته متاثر شخص تي ڪورونا حملو ڪيو آهي، پر هاڻوڪين حالتن کي نظر ۾ رکندي اهڙين علامتن واري شخص کان پاسو ڪيو وڃي ته بهتر آهي.

ماهرن شادي شدهه جوڙن کي واضح طور تي تجويز ڏني ته گھرن تائين محدود رهڻ يا لاڪ ڊائون جي وقت دوران زال  يا مڙس کي کنگھه، نزلو يا بخار هجڻ جي صورت ۾ هڪ ٻئي کان عليحدگي اختيار ڪئي وڃي ۽ گھٽ ۾ گھٽ 7 ڏينهن تائين هم بستري کان به پاسو ڪيو وڃي.

اهڙي طرح ماهرن ڳورهارين عورتن جي حوالي سان به تجويز  ۽ مشورو ڏنو آهي ته جوڙو هڪ به هڪ جي طبيعت ۾ ٿوري به خرابي کان پوءِ سماجي وٿي اختياري .

ماهرن ڳورهارين عورتن کي اها تجويز  به ڏني آهي ته اهي گھرن تائين محدود رهڻ جي دوران گھر ۾ موجود 70 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کان به پاسو ڪن ته بهتر آهي.

ماهرن پنهنجي تجويز ۾ واضح ڪيو ته هن وقت اهو چوڻ اڳڪٿي آهي ته انهن تجويزن جو ڪيترو فائدو يا نقصان هوندو   پر انهن تجويزن تي احتياطياتي طور عمل ڪيو وڃي ته سٺو هوندو.

هوڏانهن برطانوي اخبار دي ٽيلي گراف   پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته برطانيا ۾ تازو ئي ڪيل سروي دوران شادي شدهه جوڙن کي ڪورونا وائرس هجڻ کي نظر  ۾ رکندي گهر ۾ رهڻ دوران هم بستري ڪرڻ جي خيال کي ايتري اهميت ناهي ڏني.

رپورٽ موجب سروي دوران تقريبن ٻه هزار ماڻهن کان ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪيترائي سوال ڪيا ويا ۽ انهن سوالن ۾ ڪورونا کي نظر ۾ رکندي گھر ۾ رهڻ دوران وقت گھارڻ ۽ مصروف رهڻ جي حوالي سان به سوال شامل هئا.

احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي گھر ۾ رهڻ دوران وقت گذارڻ جي حوالي سان پڇيل سوالن ۾ اهو سوال به شامل آهي ته جيڪڏهن شادي شدهه جوڙو گھر ۾ رهندو ته بوريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙين شين گھڻي اهميت ڏيندو؟

ان سوال جي جواب ۾ شادي شده رڳو 3 سيڪڙو عورتون جڏهن ته رڳو 5 سيڪڙو مردن چيو ته هو بوريت ختم ڪرڻ لاءِ هم بستري ڪندا جڏهن سڀ کان وڌيڪ يعني 32 سيڪڙو ماڻهن ٽي وي ڏسڻ ۽ 17 ڄڻن گھر  ۾ ڪم ڪرڻ کي  بوريت کي ختم جو سبب قرار ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.