ايپل جا سمورا ڊوائيسز چارج ڪندڙ چارجر…!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي وڌندڙ استعمال تحت اسان کي سفر دوران طرح طرح جا جارجر گڏ رکڻا پوندا آهن. ۽ ان ڏس ۾ ايپل جا اليڪٽرانڪ ڊوائيسرز استعمال ڪندڙن لاءِ سٺي خبر اها آهي ته هاڻ اهي هڪ ئي چارجر ذريعي هڪ ئي وقت چار ڊوائيسز چارج ڪري سگھن ٿا.

انن ننڍي هر فن مولا چارجر کي واٽس شگر جو نالو  نالو ڏنو ويو آهي جيڪو هڪ ئي وقت آءِ فون، ايپل واچ، ميڪ بڪ ۽ ايئرپوڊز کي چارج ڪري سگھي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو پاور بينڪ به آهي جيڪو تيز رفتار سان چارج ڪندو آهي.

جيتوڻيڪ ايپل جي سمورين شين ۾ هڪ جهڙائي آهي پر  جڏهن چارجر جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سمارٽ واچ جو چارجر فون جي چارجر کان مختلف هوندو آهي ۽ ميڪ بڪ جو چارجر آءِ پيڊ جي چارجر کان مختلف هوندو آهي. اهڙي طرح هر چارجر کي گڏ کڻڻ ۽ اوزارن کي زندهه رکڻ ڏکيو هوندو آهي.

واٽس شوگر چارجر گھڻو ننڍو ۽ هلڪو آهي جنهن کي خاص طور تي ڊزائين ڪيو ويو آهي. اوهان ان کي گھر کان آفيس، آفيس کان هوٽل يا هوائي اڏن تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ان سان ڪيترن ئي قسمن جي ايڊرائيڊ فونن کي به چارج ڪري سگھجي  ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي وقت ان سان ڪيترن ئي ڊوائيسز کي چارج ڪري سگهجي ٿو.

ان ۾ يو ايس بي سي  لاءِ ٻه پورٽس ڏنا ويا آهن ۽ يو ايس بي اي سان گڏوگڏ ميگنيٽ وائرليس چارجنگ جي سهولت ۾ موجود اٿس. ۽ اهو چارجر پاور بينڪ به بڻجي سگھي ٿو ۽ بجلي جي ڪنهن به سپلاءِ کان سواءِ گھڻن اوزارن کي هلائي سگھي ٿو. پاور بينڪ ۾ 5000 ايم اي ايڇ جي بيٽري لڳائي وئي آهي.

واهپيدارن اڪثر نوٽ ڪيو هوندو ته مختلف ملڪن ۾ پلگ پِن جا انداز مختلف هوندا آهن. انهيءَ مناسبت سان اوهان ڪنهن به ملڪ جي حساب سان پلڪ لڳائي سگھو ٿا.

اها اهم ايجاد هن وقت ڪڪ اسٽار ويب سائيٽ تي ڪرائوڊ فنڊنگ مان گذري رهي آهي ۽ هڪ چارجر جي قيمت 60 ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.