ڪورونا جون علامتون ظاهر نه ڪرڻ تي بالي ووڊ ڳائڻي مٿان ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور خلاف ڪورونا وائرس جون علامتون ڳجهيون رکڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب لکنئو جي چيف ميڊيڪل آفيسر پاران ڪنيڪا ڪپور خلاف ڪورونا جون علامتون لڪائڻ تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

چيف ميڊيڪل آفيسر پنهنجي شڪايت ۾ لکيو آهي ته 14 مارچ تي ايئرپورٽ تي ڪنيڪا جي اسڪريننگ ٿي، جنهن بعد ڳائڻي ۾ زڪام جون علامتون ظاهر ٿيون، ان وقت ڪنيڪا کي گهر ۾ قرنطينا ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو هو پر هن ان تي عمل نه ڪيو ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.

ٻئي پاسي ڪنيڪا ڪپور دعويٰ ڪئي آهي ته هو 11 مارچ تي لکنئون پهتي جڏهن ته هو لنڊن کان ممبئي ايئرپورٽ تي 9 مارچ تي پهتي هئي.

واضح رهي ته 41 سالن جي ڪنيڪا ڪپور هلندڙ مهيني لکنئون پهتي هئي، جنهن جي ڪجهه ڏينهن بعد هن ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.