ڏاڍائي ڪيس ۾ سزا يافتا ڏوهاري هاروي وينسٽن به ڪورونا ۾ مبتلا

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ جنسي ڏاڍائي ڪيس ۾ سزايافته ڏوهاري هاروي وينسٽن جيل ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

نيويارڪ اسٽيٽ ڪوريڪشنل آفيسر ۽ پوليس بيني ولينٽ ايسوسي ايشن جي  صدر مائيڪل پاروز مطابق سزا يافته ڏوهاري هاروي وينسٽن کي قرنطينا ۾ رکيو ويو آهي.

مائيڪل پاور ڏوهارين تي مقرر جاچ آفيسرن جي حوالي سان به خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته آفيسن وٽ مناسب حفاظتي سامان موجود ناهن، ان ضمن ۾ ڪيتري ئي عملي کي قرنطينا ۾ رکيو ويو آهي.

68 سالن جي هاروي وينسٽن کي گذريل مهيني جنسي ڏاڍائي جي ڏوهه ۾ 23 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.