ڪورونا وائرس اولمپڪس کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ڪينيڊا هٿ کڻي ورتا

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب اولمپڪس 2020 خطري ۾ پئجي ويو ۽ ڪينيڊا اولمپڪس راندين تان هٿ کڻي ورتا.

جاپان جي وزيراعظم شنزو ابي به پهريون ڀيرو تسليم ڪيو آهي ته اولمپڪس رانديون ملتوي ٿي سگهن ٿيون.

آسٽريليا به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته في الحال اولمپڪس رانديون منعقد نٿيون ڪري سگهجن ۽ پنهنجي رانديگرن کي 2021 جي اولمپڪس لاءِ تيار ڪرائي رهيا آهيون.

انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي پاران امڪاني طور تي ايندڙ چار هفتن ۾ اولمپڪس جي انعقاد جي حوالي سان فيصلو متوقع آهي پر فوري طور تي ڪنهن فيصلي جو امڪان ناهي.

اولمپڪس 2020ع 24 جولاءِ کان جاپان جي گادي واري هنڌ ٽوڪيو ۾ منعقد ٿيڻي هئي، جنهن ۾ 11 هزار ايٿليٽس کي شرڪت ڪرڻي آهي.

ٻئي پاسي ڪينيڊا، انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي ۽ عالمي صحت واري اداري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي هڪ سال لاءِ اولمپڪس گيمز ملتوي ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.