ارجنٽائن جو فٽبالر ديبالا ۽ سندس گرل فرينڊ ڪورونا وائرس جو شڪار

روم(ويب ڊيسڪ) اٽلي جي مشهور ڪلب يوونٽس جي نمائندگي ڪندڙ ارجنٽينا جو مشهور فٽبالر پاولو ديبالا ۽ سندس گرل فرينڊ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا.

ارجنٽائن جي مشهور فٽبالر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي ذريعي ڪورونا وائرس جي ٽسٽ مثبت اچڻ جو انڪشاف ڪيو.

هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته توهان سڀني کي اِهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان جي ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا آهن ۽ منهنجي ۽ اوريانا ٻنهي جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي، اسان خوش قسمتي سان بلڪل ٺيڪ آهيون، توهان جي پيغامن جا ٿورا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.