ڪورونا وائرس خلاف ويڙهه ۾ ڪوتاهي ۽ لاپرواهي وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي

عتيق ملاح

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف پکڙيل آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تڪڙا اپاءُ ته ورتا ويا، پر وفاقي حڪومت پاران پنهنجي ذميواري پوري نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي وزيراعظم جي اها ڳالهه ٻولهه سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته صحت واري وفاقي حڪومت جو صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس ڦھلجڻ وقت ايران ويو ھو، جنھن اچي ٻڌايو ته اتي صورتحال انتھائي خراب آھي ان لاءِ اسان زائرين کي تفتان ڪيئمپ اچي رھايو. سوشل ميڊيا تي اهو سوال اٿي رهيو آهي ته جڏھن ظفر مرزا ايران ۾ بيماري جي شدت ڏسي حڪومت کي جيڪا رپورٽ ڏني ان آڌار زائرين کي تفتان بارڊر جي ڪيئمپ ۾ رھايو ويو جتي اڻ پورن انتظامن سبب بيماري ۾ شدت آئي ڇا ظفر مرزا کي مرض مريض ۽ احتياطي اپائن بابت خبر نه هئي؟ يا حڪومت شعوري يا لاشعوري طور مريض زائرين کي جانورن وانگر واڙي ڇڏيو، جنھن سبب وبا وڌيڪ ڦھلجي رھي آھي. لاپرواھي جي زمري ۾ ھي وڏو ڏوھه آهي، سوشل ميڊيا تي تفتان ۾ انتظام نه ٿيڻ تي اعليٰ عدالتي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو پڻ ٿي رهيو آهي.

سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪورونا جي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسن ۾ اهي ماڻهو هئا جيڪي ٻين ملڪن کان زيارتون ڪري واپس آيا هئا، پر هاڻ صورتحال ٿوري تبديل ٿي آهي ۽ مقامي ماڻهن جي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ وارا ڪيس به سامهون اچي رهيا آهن، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪورونا جو وائرس هاڻ هتي پکڙجي رهيو آهي، اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ڪورونا جي ڪيسن ۾ ائين ئي اضافو ٿيندو ويو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو ڪورونا جي وائرس ۾ مبتلا ٿي ويندا. وفاقي حڪومت جي غير ذميواراڻي رويي جي نتيجي لکين انساني جانيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

 

حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جتي سڄي سنڌ سميت سڄي ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا، ماڻهن جي اچ وڃ به تمام گهڻي آهي، حيدرآباد شهر کي به خاص اهميت ڏني پئي وڃي. حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي، اسپتالن ۾ او پي ڊيز مان رش کي گھٽ ڪري ۽ ڊاڪٽرن جي تعداد کي وڌائڻ، فيوميگيشن اسپري کي به يقيني بڻائڻ سان گڏ احتياطي تدبيرون لکيل بينرز ۽ پينافليڪس لڳائڻ تي زور ڏنو ويو. گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ چيو تـه سمورا لاڳاپيل ادارا ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنھنجون تياريون مڪمل رکن، جڏھن ته ليبر ڪالوني جي 1504 فليٽن کي قرنطينه مرڪز بنائڻ لاءِ سموريون طبي ۽ ٻين گھربل سھولتن جي فراھمي جلد کان جلد ممڪن بڻايو وڃي، حالتون ڪنٽرول ۾ آھن، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورا لاڳاپيل کاتا پنھنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ ھن ڏکئي وقت ۾ پنھنجا فرض احسن طريقي سان ادا ڪن.

ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي خدشي کانپوءِ حيدرآباد ۾ چوپائي مال جي پڙي منعقد ڪرڻ جي معاھدي ۾ ترميم ڪندي پڙي ھفتي جي ھڪ ڏينھن بدران چار ڏينھن لڳائڻ جي حوالي جي معاھدي جي ڪاپي ڊي سي آفس ۾ جمع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي. ڪورونا وائرس ڪميٽي حيدرآباد جي سربراھه ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي خاص ھدايت تي سائيٽ ايسوسيئيشن ۽ مال جي پڙي جي منتظمين سان ھڪ گڏجاڻي مال جي پڙي کي ھڪ ڏينھن جي بدران ھفتي ۾ چار ڏينھن منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن مقصد ماڻھن جي رش کي گھٽ کان گھٽ ڪرڻ آھي.

حيدرآباد ضلعي ۾ ڪورونا جي وبا کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس سان منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي حيدرآباد جي ڪميٽي جي سربراهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شرجيل انعام ميمڻ مذهبي عالمن سان به گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ شرجيل انعام ميمڻ مذهبي عالمن کي اپيل ڪئي ته اهي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. مسجدن جي ذريعي عوام کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي ڪن ته جيئن هو هٿن کي صحيح طرح سان ڌوئن، ماڻهن سان ملڻ وقت فاصلو رکن ۽ جن ماڻهن کي بخار ۽ نزلو وغيره هجي ته اهي نماز ۽ خاص ڪري جمعي جي نماز گهرن ۾ ادا ڪن ۽ نمازي وضو گهران ڪري مسجد ۾ وڃن.

سنڌ سرڪار جي حڪم تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ 80 سيڪڙو ڪاروبار بند رهيو آهي. انتظاميا جي حڪم تي حيدرآباد پوليس حيدرآباد شهر، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ سمورا ريسٽورينٽس هوٽلون شاپنگ مالز پبلڪ پارڪس ۽ ٻيا عوامي رش وارا هنڌ مڪمل طور تي بند ڪرائي ڇڏيا آهن. صرف يوٽيلٽي اسٽور ريزڪي دڪان، ڀاڄين ۽ فروٽ جون مارڪيٽون کليل آهن. سڄي سنڌ ۾ جزوي لاڪ ڊائون سبب حيدرآباد جي شهرين حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي راشن وٺي گهرن ۾ رکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو هڪ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽنڊي محمد خان روڊ تي ليبر کاتي جي 1504 فليٽن ۾ قرنطينه مرڪز ٺاھيو ويو آھي، جتي 3000 بسترن جي سھولت موجود آھي، قرنطينه مرڪز ۾ سھولتن جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته حيسڪو پاران 4 ٽرانسفارمر لڳايا ويا آھـن، جڏهن ته قرنطينه لاءِ فيڊر جي تعمير تي 83 ملين رپين جي لاڳت اچي رهي آهي، جن جي فوري طور تي ضرورت آهي ۽ گيس ڪنيڪشنز جي لاءِ بـه ڊمانڊ ڊرافٽ جمع ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته واسا پاران ٽينڪرز جي صورت ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. حيدرآباد لمس اسپتال ۾ آئسوليشن وارڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ ٻين خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ پڻ متبادل انتظام ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.