سينيٽائيزر جي ضرورت ناهي، عام صابڻ سان هٿ ڌوئڻ ڪافي آهي: سائنسدان

سڊني (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ عوام ان حد تائين چريو ٿي چڪو آهي جو هينڊ سينيٽائيز، جن کي عام ڏينهن ۾ ڪو به استعمال ناهي ڪندو، اڄ ڪيترين ئي مارڪيٽن مان اڻلڀ  ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ملي به رهيو آهي ته گھڻي مهانگي اگھه ۾.

ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سائوٿ ويلز يونيورسٽي، سڊني ۾ (ڪيميسٽري) جي پروفيسر پيلي ٿورڊارسن 25 هن سلسليوار نوٽيسن جي مدد سان واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن هٿن کي رڳو صابڻ ۽ پاڻي سان مناسب طور تي ڌوئجي ته ٻين وائرسن سان گڏوگڏ ڪورونا وائرس به بلڪل ختم ٿي ويندو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن صابڻ بابت ڪيميا ۽ وائرس جي ساخت بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته، ڪورونا وائرس سوڌو، ڪنهن به وائرس جو سمورو جينياتي مواد هڪ سالمياتي (ماليڪيولر) خول ۾ بند هوندو آهي جنهن ۾ چڪنائي (لپڊ) جو ٻٽو تهه (Lipid bilayer) حفاظتي غلاف جو ڪم ڪندو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو ئي ٻٽو سڻڀو تهه، عام صابڻ جي سامهون گھڻو ڪمزور هوندو آهي ڇو جو  صابڻ  جو هڪ اهم ڪم سڻڀ جو خاتمو ڪرڻ به هوندو آهي.

جڏهن اسان هٿ آلا ڪري ان تي سٺي طرح صابڻ لڳائيندا آهيون ته ُاهو سڻڀ سان گڏوگڏ وائرس جي حفاظتي غلاف تي به حملو ڪندو آهي ۽ (ڪيميائي عمل ڪندي) سيڪنڊن ۾ ان غلاف کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.

وائرس ۾ موجود جينياتي مواد، جنهن کي وائرس وبائي پکيڙ دوران استعمال ڪندو آهي، ايتري قدر نازڪ هوندو آهي جو اُهو حفاظتي غلام تباهه ٿيندي ئي وکري ويندو آهي ۽ وائرس مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو آهي.

پنهنجن ٽوئيٽس ۾ پروفيسر ٿورڊارسن ”سپر ماليڪيولر ڪيمسٽري“ کي به سادن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي جن مطلب اهو آهي ته عام صابڻ سان هٿ وڌئي به ڪورونا وائرس جو خاتمو ڪري سگھجي ٿو، تنهنڪري هينڊ سينيٽائيزر نه به هجي ته پريشان نه ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.

واضح رهي ته هن وقت تائين ڪيل تحقيقن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته مهانگن اگھن ۾ وڪرو ٿيندڙ جراثيم ڪش (اينٽي بيڪٽيرياز) صابڻن جي ڪارڪدگي به عام صابڻ جهڙي ئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.