پي ايس ايل جون رهيل  ميچون ڪڏهن ٿينديون؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيوآهي ته پاڪستان سپر ليگ 5 (پي ايس ايل) جون رهيل ميچون نومبر ۾ ٿي سگھن ٿيون.

وسيم خان وڊيون ڪانفرنس ڪندي چيو ته فرنچائيزر جي صلاح مشوري سان فيصلو ڪنداسين ته سيمي فائينل ٿين يا پراڻو فارميٽ رکيو وڃي.

هن چيو ته ڪورونا سبب ڪرڪيٽ بورڊ کي وڌيڪ نقصان ٿي سگھي ٿو، پي ايس ايل جي گيٽ مني ۾ 200 ميلن رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل ۾ مصباح الحق جي ڪارڪردگي تي بورڊ کي ڪا به ڳڻتي نه آهي، مصباح الحق کي تجربو فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جو ڪوچ بڻايو ويو هو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ هيڊ ڪوچ جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺنداسين.

وسيم خان چيو ته شرجيل خان کي پاڪستان ٽيم ۾ آڻڻ لاءِ فٽنيس تي ڪم ڪرڻو پوندو، پي ايس ايل ۾ شرجيل خان فٽ نه هو.

(پي سي بي) جي چيف ايگزيڪٽو چيو ته محمد حفيظ پاليسي جي معاملن تي اثرانداز نه ٿئي جڏهن ته حسن علي کي اڻ وڻندڙ وڊيو تي ضابطي جي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

خيال رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ وڌڻ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان پي سي بي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ پوءِ پنجاب حڪومت سان رابطي ۾ هئاسين جنهن کان پوءِ غور ڪري حتمي فيصلو ڪيو ويو، فرنچائيزز سان گڏجي ايونٽ ري شيڊيول ڪيو ويندو.

واضح رهي ته پي ايس ايل جون 5 ميچون ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻ 2 سيمي فائينلز ۽ فائينل ٿيڻ باقي آهن، شيڊيول موجب اهي ميچون لاهور ۾ ٿيڻيون هيون.

سيمي فائينل ۾ ملتان سلطانز جو مقابلو پشاور زلمي سان ٿيڻو اهي جڏهن ته ٻين سيمي فائنل ۾ لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز آمهون سامهون ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.