فيس بڪ  ڊارڪ موڊ جو فيچر ڊيسڪ ٽاپ لاءِ به متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان فيس بڪ کي ڊيسڪ ٽاپ تي استعمال ڪرڻ پسند ڪندا آهيو ته اوهان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته ان جي مڪمل طور تي ري ڊزائين ورجن کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

اها ري ڊزائين ان کان اڳ فيس بڪ موبائيل ايپ تائين محدود هئي پر گذريل سال ڪمپني سالياني ڊولپر ڪانفرس ۾ ان کي ڊيسڪ ٽاپ ورجن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

ان نئين ڊزائين ۾ فيس بڪ جي 2 مک فيچرز ايونٽس ۽ گروپس تي گھڻو ڌيان ڏنو ويو آهي.

في الحال اها ڊزائين واهپيدارن جي مرضي هوندي ته هو نئين ورجن جو استعمال ڪن يا ڪلاسڪ ورجن کي ئي ترجيج ڏين پر هن سال جي آخر تائين اها نئين ڊزائين باءِ ڊيفالٽ هوندي.

ڪمپني موجب جيڪڏهن هاڻ اهو نئون ورجن اوهان تائين ناهي پهتو ته جلد اوهان ان کي ڏسي سگھندا.

گذريل سال جي موبائل ري ڊزائين جيان اهو نئون فيچر ڊيسڪ ٽاپ ورجن وڌيڪ صاف ۽ سادي ڊزائين تي ٻڌل آهي جنهن ۾ اڇي رنگ جي ڀرمار آهي.

ان ۾ وڏو فونٽ ۽ بهتر آئڪون ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته پهريون ڀيرو ڊارڪ موڊ جو آپشن به واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.

موبائل ايپ جيان هاڻ نئين ڊيسڪ ٽاپ ڊزائين ۾ به فيس بڪ جي اهم فيچرز تائين فوري پهچ ممڪن آهي جڏهن ته فيس بڪ اسٽوريج کي اپ ڊيٽ اسٽيٽس باڪس  جي مٿان منتقل ڪيو ويو آهي.

ان کان سواءِ ري ڊزائين مينيو بار به ڏنو پيو وڃي.

ان ري ڊزائين جي سڀ کان نمايان تبديلي گروپس جو نئون ٽيب آهي جيڪو مينيو بار ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن تي ڪلڪ ڪري گروپس جي اپ ڊيٽس تي ٻڏل فيڊ ڏسڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته واهيپدارن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي نون گروپن جا سجيشن به ڏنا ويندا.

جيڪڏهن اوهان اڃا ان نئين ڊزائين کي آزمائڻ چاهيو ٿا ته اڪائونٽ ۾ لاگ ان ٿي سيٽنگز ۾ وڃي اتي سي نيو فيس بڪ تي ڪلڪ ڪيو.

جيڪڏهن اوهان کي اهو پسند نه آهي ته اوهان واپس اتي ئي وڃي سوئچ ٽو ڪلاسڪ فيس بڪ جي چونڊ ڪري سگھو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.