پي سي بي عمر اڪمل تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽر عمر اڪمل تي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

پي سي بي عمر اڪمل کي پاڪستان سپر ليگ کان اڳ آگاهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب هو ايونٽ کان به ٻاهر ٿي ويو هو.

هاڻ لڳ ڀڳ هڪ مهيني کانپوءِ پي سي بي عمر اڪمل کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت چارج ڪري ڇڏيو آهي.

بورڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته عمر اڪمل ٻه ڀيرا اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪئي، کيس ڪوڊ 4.2.2 تحت چارج ڪيو ويو آهي.

ڪوڊ موجب فڪسنگ آڇ وصول ٿيڻ کانپوءِ عمر اڪمل پي سي بي جي ويجيلنس اينڊ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ کي آگاهه نه ڪيو ۽ ان ڏوهه جي سزا گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن کان تاحيات پابندي آهي.

عمر اڪمل کي نوٽيس آف چارج 17 مارچ تي موڪليو ويو ۽ قانون موجب هو 31 مارچ تائين جواب ڏئي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.