ڏهيءَ جو روزانو استعمال قوت مدافعت کي مضبوط بڻائي ٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي ميون ۽ ڀاڄين ۾ وٽامن سي موجود هوندي آهي جن  جو استعمال ڪري قوت مدافعت جي نظام کي مضبوط ڪري سگھجي ٿو.

اڄ اسان اوهان کي ڏهيءَ جو استعمال ڪري قوت مدافعت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ بابت ٻڌائي رهيا آهيون.

ڏهيءَ جو استعمال هاضمي جي نظام لاءِ بهترين سمجهو ويندو آهي پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي قوت مدافعت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ ڏهي گھڻي فائديمند ثابت ٿيندي.

صحت جي ماهرن چيو آهي ته ڏهي کائڻ سان قوت مدافعت جي نظام تي هاڪاري اثر پون ٿا ۽ روزانو ڏهي کائڻ سان، نزلو، زڪام ۽ ٻين انفيڪشنز کان به بچي سگھجي ٿو.

ڏهي ۾ موجود پروبائيوٽڪ قوت مدافعت کي مضبوط بڻائن ٿا جنهن سبب جسم ۾ ڪو به بيٽريا سولائيءَ سان داخل نٿو ٿي سگھي.

صحت جي ماهرن طرفان تجويز ڏني وئي آهي ته پنهنجي روز مرهه جي خوراڪ ۾ ڏهي ضرور استعمال ڪيو، اها نه رڳو قوت مدافعت جي نظام لاءِ بهترين آهي پر ان ۾ موجود ڪيلشيم به هڏن جي صحت لاءِ گھڻي فائديمند سمجهي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.