ڪورونا وائرس ڪهڙي بلڊ گروپ جي ماڻهن کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿو؟ تحقيق

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي تحقيقي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس ٻن بلڊ گروپن جي ماڻهن کي وڌيڪ متاثر ڪري سگھي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي روڪ ٿام ۽ ويڪسين جي تياري جي حوالي سان سڄي دنيا جا ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ هو ان ڳالهه جي ڳولا لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ته آخر ڪورونا وائرس ڪهڙن ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو.

ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جا بنيادي سبب لڀي ويا ته کين ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

چيني ماهرن ڪورونا سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي رت جا نمونا ورتا ۽ وائرس جي حملي جا سبب ڳوليا .

تحقيق دوران چيني ماهر ان نتيجي تي پهتا ته ڪورونا وائرس ٻن بلڊ گروپ جي ماڻهن کي وڌيڪ متاثر ڪري سگھي ٿو، انهن ۾ اي پازيٽو ۽ اي نيگيٽو گروپ شامل آهن.

چيني ماهرن موجب سڄي دنيا ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن مان گھڻا مريض انهيءَ ٻن گروپن سان واسطو رکن ٿا.

رپورٽ موجب ماهرن تحقيق دوران ٻه هزار کان وڌيڪ رت جا نمونا ۽ مڪمل تفصيل حاصل ڪيا، انهن مريضن ۾ گھڻن جو بلڊ گروپ يا ته اي پازيٽو هو يا وري اي نيگيٽو.

ماهرن موجب ڪورونا سبب فوت ٿيل 2 سئو ماڻهن مان 63 سيڪڙو جو بلڊ گروپ اي پازيٽو هو، تحقيقي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته او پازيٽو بلڊ گروپ جا ماڻهو وائرس سبب گھڻا متاثر ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.