بالي ووڊ جي مشهور ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور به ڪورونا جو شڪار بڻجي وئي

لکنئو (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور به خطرناڪ وبا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.

بالي ووڊ ۾ ’’بي بي ڊول‘‘ ۽ ’’امبر سريا‘‘ جهڙا سپر هٽ گانا ڳائيندڙ ڳائڻي ڪنيڪا ڪپور پنهجي انسٽاگرام اڪائونٽ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي.

ڪنيڪا ڪپور چيو ته گذريل چار ڏينهن کان زڪام جون علامتون ظاهر ٿي رهيون هيون، جنهن بعد هن ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا مثبت آئي.

ڳائڻي ٻڌايو ته ڪورونا جي ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد هن پاڻ کي گهر وارن سان مڪمل طور تي الڳ قرنطينا ۾ رکي ڇڏيو آهي، ان کان علاو طبي مشورن تي به عمل ڪري رهي آهيان.

ڪنيڪا ڪپور سمورن مداحن کي پاڻ کي قرينطينا ۾ رکڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪورونا بابت اوهان ۾ ڪا به علامت ظاهر ٿي رهي آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي ڪووڊ-19 ٽيسٽ ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.