شرجيل خان فوري طور تي ٽيم ۾ واپسي لاءِ تيار ناهي..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته ڪرڪيٽر شرجيل خان فوري طور تي قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ تيار نظر نٿو اچي.

وقار يونس جو چوڻ آهي ته شرجيل کي اڃا ڪيتروئي ڪم ڪرڻو آهي، هن کي رڳو هڪ يا ٻن اننگز جي بنياد تي نٿو سڃاڻي سگهجي، کيس پنهنجي فٽنس تي خاص طور تي ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته اسان شرجيل کي فيلڊ ۾ ڪٿي لڪائينداسين، هنن ڏينهن ۾ فيلدنگ تمام گهڻي اهم ۽ خاص طور تي آسٽريليا ۾ وڏي گرائونڊ جي ڪري فيلڊنگ جي اهميت وڌي ويندي آهي.

بالنگ ڪوچ چيو ته پي ايس ايل کانپوءِ شرجيل خان وٽ پاڻ کي فٽ ڪرڻ جو ڪافي وقت موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.