ويسٽ انڊيز جو اهم رانديگر ڪورونا جي وَهمَ ۾ مبتلا

سينٽ لوشيا (ويب ڊيسڪ) ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڊيرن سيمي سينٽ لوشيا پهچڻ بعد تنهائي اختيار ڪري ورتي.

ڊيرن سيمي پاڪستان سپر ليگ ۾ شرڪت بعد وطن واپس پهتو هو، رانديگر ٽوئيٽر ذريعي مداحن کي اڪيلائي اختيار ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو.

ڊيرن سيمي چيو ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيو پر ان باوجود مون ڪجهه احتياطي اپاءَ اختيار ڪيا آهن، جنهن تحت آئون 14 ڏينهن تائين پنهنجي گهر وارن سان نه ملندس.

رانديگر چيو ته اهو قدم وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ احتياطي طور تي کنيو آهي، اميد آهي ته هي وقت به گذري ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.