ڪورونا وائرس: ڊبليو ايڇ او پيراسٽامول جي استعمال جي تجويز ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پاليٿا ماهي پالا چيو آهي ته ڪورونا وائرس جو علاج ڳولي رهيا آهيون، عوام بخار ۽ زڪام لاءِ پيراسٽامول جو استعمال ڪري سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر پاليٿا ماهي پالا چيو ته ڪورونا وائرس پکڙجندڙ بيماري آهي، جيڪو هڪ نئون وائرس آهي، اهو وائرس چين مان شروع ٿيو ۽ دنيا جي ٻين ملڪن تائين پکڙيو، جنهن تي ڊبليو ايڇ او ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو، عالمي سطح تي ان حوالي سان ڳڻتي آهي، صحت جو عالمي ادارو سرگرم آهي ۽ عالمي سطح تي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، متاثرن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ وڏي عمر جا گهڻا ماڻهو آهن.

هن ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جانورن مان پکڙجندو آهي، هن وقت سمورا وائرس هڪ ئي فيملي ڪورونا وائرس سان واسطو رکن ٿا، ڪورونا وائرس هن وقت عالمي وبا بڻجي چڪو آهي، جنهن سان ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 10 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ شڪي ڪيس 1346، جڏهن ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ 208 اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ هڪ هزار 715 بيڊ آهن، ڊبليو ايڇ او پلاننگ، ڪو آرڊينيشن، پوائنٽس آف انٽري، ڪيس مئنيجمينٽ ۽ ڪورنٽائنز ۾ سپورٽ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي ٽيڪنيڪي سپورٽ به فراهم ڪئي پئي وڃي.

ڊاڪٽر پاليٿا ماهي پالا تجويز ڏني ته پاڪستان کي ماڻهن کي لاڳيتو ٽريس ڪري ٽيسٽ جاري رکڻ گهرجي، هيءَ هڪ نئين بيماري آهي، اسان کي ان بابت مڪمل آگاهي جي ضرورت آهي.

هن عوام کي درخواست ڪئي ته موجوده صورتحال ۾ رش وارن علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو ۽ جيڪڏهن بيمار آهيو ته پنهنجي گهر ڀاتين کان بنا دير پري ٿي هڪ الڳ ڪمري ۾ هليا وڃو ۽ فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪورونا وائرس جو علاج ڳولي رهيا آهيون، عوام بخار ۽ زڪام لاءِ پيراسٽامول جو استعمال ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.