درست طريقي هٿ ڪيئن ڌوئجن گوگل ڊوڊل ذريعي ٻڌائي ڇڏيو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سڄي  دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي خوف سبب جتي ماڻهو احتياتي تدبيرون اختيار ڪندي گھرن تائين محدود ٿي رهيا آهن اتي هاڻ سرچ انجڻ گوگل به ان حوالي سان پنهنجو ڊوڊل جاري ڪيو آهي.

گوگل طرفان جاري ڪيل ڊوڊل ۾ ماڻهن کي هٿ ڌوئڻ جو صحيح طريقو سمجهايو ويو آهي.

 

گوگل پنهنجي ڊوڊل ۾ انفيڪشن ڪنٽرول ڪرڻ جي شروعات ڪندڙ ۽ هٿن جي صفائي ۾ رهنمائي ڪندڙ هنگري جي ڊاڪٽر اگناز سيميلويس کي به ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

اوهان اهو  ٻڌي حيران ضرور ٿيندئو ته ميڊيشن ۾ به هٿ دوئڻ جو رواج سدائين کان عام نه هو، 19 هين صديءَ جي وچ ۾ ڊاڪٽر اگنار سيميلويس اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته مائرون ٻارن کي جنم ڏيڻ کان فورن بعد ڪنهن اڻ ڄاتل بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ شروع ٿيون جنهن سبب ڪجهه عورتن کي پنهنجي زندگين تان به هٿ کڻڻو پيو هو.

ان وقت ڊاڪٽر سيميلويس خيال ظاهر ڪيو ته ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽاف سبب اهي عورتون بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيون آهن، جنهن کان پوءِ 1897ع ۾ آسٽريليا جي شهر ويانا جي اسپتال ۾ چيف ريسيڊنٽ جي حيثيت سان مقرر ٿيل اگنار سيميلويس ڊاڪٽرن سوڌو سڄي اسٽاف کي هٿ ڌوئڻ جي هدايت ڪئي.

سندس نظريي کي ڪيترين ئي ڏهاڪن تائين ساٿي ڊاڪٽرن ته قبول نه ڪيو، پر ڊاڪٽر سيميلويس جي ڪوششن سبب ويانا جنرل اسپتال ۾ انفيڪشنن جي شرح ۾ تيزي سان گھٽتائي آئي.

اهو ئي سبب آهي ته اڄ گوگل به ڊوڊل ذريعي ڊاڪٽر اگناز سيميلويس جي اعزاز ۾ هڪ ويڊيو جاري ڪئي آهي.

جنهن ۾ ماڻهن کي درست طريقي سان هٿ ڌوئڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.