ڌاٻيجي جي انڊسٽريل زون ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي

مقصود احمد جوکيو

لاڙ سان تعلق رکندڙ ٺٽي ضلعي جي شهر ڪراچي جي ڪنڌي تي قائم ڌاٻيجي ۾ اڪنامڪ زون قائم ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت پاران پهريان 1500 ايڪڙ زمين رکي وئي ٻيهر وڌيڪ 1530 ايڪڙ زمين پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن سبب وڏي تعداد ۾ پاڪستان کان پهريان قائم ٿيل ڳوٺ ان نقشي اندر اچڻ جو امڪان وڌي ويو، جنهن ڪري ڌرتي ڌڻي خوف ۾ اچي ويا، پهريان چيو ويو ته انڊسٽريل زون 1500 ايڪڙ زمين تي قائم هوندو، پر بعد ۾ جاري ٿيل وڏي وزير جي حڪم موجب هزار پنج سو ٽيھ ايڪڙ زمين زون لاءِ ڏني وئي، ڌاٻيجي ۾ چائنا اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪيو پيو وڃي، هي انڊسٽريل زون سوين ايڪڙ زمين تي پکڙيل هوندو.

ڪنهن به ملڪ يا علائقي ۾ ڪارخانا لڳن ته اها خوشي جي ڳالھ ھوندي آھي، ڇو ته ان سان علائقي ۾ ترقي ٿئي ٿي، ماڻھن کي روزگار جا موقعا ملن ٿا ۽ ٻيا انيڪ فائدا پڻ ٿين ٿا، ڌاٻيجي ۾ اڳواٽ ئي ھوا تي هلندڙ پاور پلانٽ لڳايا پيا وڃن، ان جا ڪي به تفصيل پڌرا نه ڪيا ويا، اهو پاور پلانٽ سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي قديمي آثارن جي اڀرندي ۾ سامونڊي ڪناري تي لڳل آهي، ان ۾ ڪٿان جا مزدور ڪم ڪن ٿا، انهيءَ جي ڪا به خبر ناهي، روزگار ته پري جي ڳالهه پر ان علائقي ۾ ڪنهن مقامي ماڻهو کي وڃڻ جي به اجازت ناهي، ڌاٻيجي ۾ اڳ لڳل ڪارخانن ۾ به افغاني، بنگالي، بهاري ۽ پٺاڻ آڻي ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪي هاڻ ڌاٻيجي جي اندر بهار ڪالوني، پٺاڻ ڪالوني جي نالن سان ڪالوني قائم ڪري ويٺا آھن.

پورٽ قاسم واري انڊسٽريز ايريا اولهندي پاسي کان لانڍي انڊسٽريل ايريا سان ڳنڊجي وئي آھي ۽ اها گهگهر فاٽڪ وارو علائقو ٽپي ڌاٻيجي جي علائقي ۾ شامل ٿي آھي، هاڻ جيڪي ڪمپاونڊ ٺھيا آھن، اهي وڃي ڌاٻيجي اسٽيشن واري علائقي سان لڳا آھن، انهنعلائقن کي اسان رڳو هاڻ ڏسي ئي سگهون ٿا، هڪ ڊينٽر، ويلڊر، مڪينڪ، اليڪٽريشن جي نوڪري لاءِ به هتي قائم ڪيل ادارا ميرٽ جو بهانو ڪري مقامي  سنڌين کي نظرانداز ڪندا رهن ٿا. هتي ڪئي وڏيون وڏيون ڪمپينيون آھن، اهي گهڻي ڀاڱي نوڪري لاءِ ڪو اشتهار به نه ڏيندو آھن، ڪيتريون هي اهڙيون ڪمپينون به آھن، جيڪي لاهور ۾ انٽريو ٽيسٽ ڪرائيندو آھن، ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناھي، اهي ادارا هتان جا مقامي ماڻھو به ڀرتي ناهن ڪندا.

ڪراچي شهر ۾ جيڪي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون کليا آھن، انهن ۾ انويسٽ کان وٺي پورهيت تائين غير سنڌي آھن، حيرت جي ڳالھ اها آھي ته انهن علائقن ۾ افغانين، بنگالين، برمين کي ته ملازمت ڏني ٿي وڃي پر سنڌين کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هاڻ حڪومت جي ذميواري آھي ته اها انهن ادارن کي پابند بنائي ته انهن ادارن يا فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏياريو وڃي، ڇو ته مقامي وسيلن تي پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي، پر جيڪڏهن رڳو ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا ته سنڌ جي ماڻھن سان وڏي ناانصافي ٿيندي، اهڙي صورتحال ۾ هتان جي مقامي ماڻهن کي سخت پريشاني آهي.

هوڏانهن ڪراچي جي مختلف سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو پڻ تيز ڪيو ويو آهي، هر روز اهڙي ڪا نه ڪا خبر ميڊيا تي ايندي رهي ٿي، جنهن ۾ خبر پوي ٿي ته ڌرتي ڌڻين کي لڏائي ڀڄايو ويو، سنڌ سرڪار ان جو ڪو نوٽيس نٿي وٺي، اهڙي طرح ڌاٻيجي واسين کي به ڊپ ٿي پيو آهي ته وقت جي حڪمرانن جي ساٿ سان ڪٿي ڌارين جي آبادڪاري ايتري نه وڌي وڃي جو ڌاٻيجي ۽ ڀنڀور واسين کان پنهنجي ڌرتي کسجي وڃي ۽ اهي بي گهر ٿي رڳو آسمان ڏانهن نهاريندا رهن، تنهن ڪري ڪراچي جي سنڌي وسندين، ڌاٻيجي ۽ ڀنڀور واسين جي ڌرتي ڌڻين جي واهر ڪري لڳل فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.