ڪورونا وائرس گرميءَ ۾ گهٽبو يا نه..؟ ماهرن مسئلو حل ڪري ڇڏيو

 

هڪ ئي وقت ۾ سڄي دنيا کي پريشان ڪندڙ ڪورونا وائرس جو اڃا تائين ته ڪو علاج سامهون ناهي اچي سگهيو ۽ ماهر وائرس کان بچاءَ لاءِ مختلف قسمن جي احتياطي اپائن سان گڏ اڳڪٿيون به ڪري رهيا آهن، جن مان ان معاملي تي به بحث ٿي رهيو آهي ته گرم موسم ۾ ان وائرس جي شدت گهٽجي ويندي يا نه؟

جيتوڻيڪ صحت جي عالمي اداري ۽ مختلف طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته في الحال گرميءَ ۾ وائرس جو زور گهٽجڻ جي حوالي سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر چين ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گرم موسم وائرس جي ماڻهن کي بيمار ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

بيجنگ سان واسطو رکندڙ سائنسدانن جي تحقيق ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته گرمي پد ۾ هر هڪ ڊگري واڌ ۽ گِهم ۾ شرح وڌڻ سان ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي طاقت ۾ گهٽتائي ايندي.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي نتيجن مان خبر پئي ٿي ته اڌ اتر خطي ۾ گرم موسم ۽ برسات جي اچڻ سان ڪووڊ اوڻويهه جي پکڙجڻ جو عمل گهڻي حد تائين گهٽجي سگهي ٿو.

ان نئين تحقيق ۾ شامل سائنسدانن موجب موسم ۽ ڪووڊ اوڻويهه جي پکيڙ وچ ۾ واسطي کي سمجهڻ ان جي شدت ۽ وبا جي خاتمي جي اڳڪٿي ۾ ڪنجي ثابت ٿي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ پتو لڳايو ويو ته گرمي پد ۾ هر هڪ سينٽي گريڊ واڌ ۽ هوا ۾ گِهم جي سطح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪورونا وائرس جي آر ناٽ ويليو کي ترتيب وار 0.04 ۽ 0.02 تائين ڪيرائي سگهي ٿي.

مثال طور جيڪڏهن هاڻ وائرس جي آر او ويليو 2 آهي ته گرمي پد ۾ 7 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ سان اها ڪِري 1.6 تائين پهچي ويندي، مطلب 20 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندي.

محققن 21 کان 23 جنوري دوران سئو چيني شهرن ۾ 40 کان وڌيڪ ڪيسن جي ڊيٽا تي وائرس جي آر او ويليو جو ڪاٿو لڳايو ۽ جائزو ورتو ته مختلف موسمن ۾ وائرس جي پکيڙ جي رفتار تي ڪهڙا اثر پوندا آهن.

تحقيق ڪندڙن پتو لڳايو ته اها ويليو اڌ اتر خطي ۾ 2.5 هئي، جيڪا اڌ ڏکڻ خطي جي ڪيترن ئي هنڌن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي هئي، جتي هن وقت موسم گرم آهي.

هنن ٻڌايو ته وڌيڪ گرمي پد ۽ هوا ۾ وڌيڪ گهم سان ڪووڊ اوڻويهه جي پکڙجڻ جي رفتار ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.