پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ويسٽ انڊيز ۾ ڪرائڻ تي غور

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ويسٽ انڊيز ۾ ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ سال ٿيندڙ مقابلن کي ممڪن بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس کان تمام گهٽ متاثر ٿيندڙ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهيون جاري آهن.

پهرين مرحلي ۾ 4 جون کان شروع ٿيندڙ انگلينڊ جي ڪيربيئن خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل هوم سيريز ويسٽ انڊيز ۾ کيڏي ويندي، ان کي سيپٽمبر ۾ شيڊيول ڪري سگهجي ٿو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 30 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز به نئين شيڊول سان گڏ ڪيريبيئن ٻيٽن ۾ ڪرائي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.