ڪورونا وائرس سبب ڪاروبار ٺپ، مايا علي مزدورن جو آواز بڻجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مايا علي وفاقي حڪومت کان روزانو ڏهاڙي ڪمائيندڙ ۽ مزدورن لاءِ خصوصي انتظام ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

مايا علي پنهنجي انسٽاگرام تي ماسڪ پاتل تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو ته هوءَ 5 ڏينهن اڳ آمريڪا مان پاڪستان آئي هئي ۽ سندس ڪورونا جي ٽيسٽ ٿي، پر شڪر آهي اها ناڪاري آهي ۽ مون ۾ وائرس جي سڃاڻپ نه ٿي.

اداڪارا چيو ته سمورو ڪاروبار ٺپ ٿيڻ بعد آئون انهن ماڻهن لاءِ پريشان آهيان جيڪي هر روز مزدوري ڪري ڏهاڙي ڪمائيندا آهن ۽ ان مان ملندڙ  پئسن تي روز جو گزارو ڪندا آهن، آئون حڪومت کان درخواست ٿي ڪريان ته انهن جي خاندانن لاءِ خوراڪ جا خاص قدم کنيا وڃن.

مايا علي چيو ته هي وقت به گذري ويندو، حڪومت پاران لڳايل پابنديون اسان جي بهتري لاءِ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.