ڪورونا جي ڊپ سبب همايون سعيد ۽ عدنان صديقي قرنطينه حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب مشهور اداڪارن همايون سعيد ۽ عدنان صديقي پاڻ کي قرنطينه ۾رکي ڇڏيو.

اداڪار عدنان صديقي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هو همايون سعيد سان گڏ ماسڪ پائي ويٺل آهي.

عدنان صديقي لکيو ته ’’اف ڪورونا وائرس.. نيوجرسي کان هيوسٽن روانا‘‘

ٻئي پاسي اداڪار ۽ هدايتڪار واسع چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته هاڻي لنڊن ته ڇا، پر ڪيڏانهن به نه ويندس، جنهن تي همايون سعيد جواب ڏنو ته هو ڪراچي پهچي چڪو آهي پر هو گهر نه ويندو، ڇاڪاڻ ته هن ۽ عدنان صديقي پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، الله اسان سڀني کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.