راشد لطيف جي پي ايس ايل جي انعامي رقم ڪورونا فنڊ ۾ ڏيڻ جي صلاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف پي ايس ايل مالڪن کي ليگ جي سموري انعامي رقم ڪورونا وائرس لاءِ مختص ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي رانديگر راشد لطيف چيو ته پي ايس ايل جي انعامي رقم ڪورونا وائرس جي امدادي رقم ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، مونکي اميد آهي ته آزمائش جي وقت ۾ پي ايس ايل مالڪ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جو ساٿ ڏيندا.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري ڪراچي ۽ لاهور ۾ شوقينن جي بنا پاڪستان سپر ليگ جون ميچون ڪرايون ويون، بعد ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ليگ جون سيمي فائنل ميچون ۽ فائنل مقابلو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.