شلپا شيٽي مڙس کي چماٽ وهائي ڪڍي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شلپا شيٽي پنهنجي مڙس راج ڪندرا کي چماٽ وهائي ڪڍي.

ادڪارا شلپا شيٽي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مڙس راج ڪندرا کي چماٽ هڻي رهي آهي.

پر حقيقت ۾ اها وڊيو شلپا شيٽي ۽ راج ڪندرا جي ٽڪ ٽاڪ تي ٺاهيل هڪ مزاحيا وڊيو آهي، جنهن ۾ شلپا مذاق ۾ پنهنجي مڙس کي چماٽ هنئي.

راج ڪندرا پاران شيئر ڪيل وڊيو ۾ شلپا پنهنجي مڙس کي چماٽ هنئي جنهن بعد هن معافي ورتي، جنهن بعد راج وڊيو مڪمل ڪندي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.