خوبصورت نظر اچڻ جو راز اوهان به ڄاڻو…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبصورت نظر اچڻ هر عورت ۽ ڇوڪريءَ جي خواهش هوندي آهي. هوءَ پنهنجي خوبصورتي سان سڀ کي متاثر ڪرڻ چاهيندي آهي. گھڻا چهرا اهڙا هوندا آهن جن کي هڪ ڀيرو ڏسجي ته نظر ڪڍڻ تي دل ئي ناهي چوندي. اهڙو ئي خوبصورت نظر اچڻ لاءِ اوهان به ڪجهه ڳالهيون پنهنجي روٽين ۾ شامل ڪري وٺو ته ڪو به اوهان مان  متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه رهي سگھندو.

ابٽن جو استعمال:

بازار ۾ مهانگا ۽ ڪيميڪل وارا پروڊڪٽس جلد کي خوبصورت بڻائڻ بدران ابتڙ نقصان رسائيندا آهن. جلد کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ابٽن جو استعمال ڪيو اهو ابٽن به اوهان گھر ۾ ئي تيار ڪيو ڇو ته بازاري ابٽن ۾ بليچ جو استعمال ڪيو ويندو آهي  جيڪو جدل لاءِ هاڃيڪار آهي. گھر ۾ ابٽن تيار ڪرڻ لاءِ بيسڻ، کير ۽ هيڊ کي گڏائي ان جو پيسٽ ٺاهيو ۽ چهري تي لڳايو. جلد کي نمي پهچائڻ لاءِ ڏهيءَ جو استعمال به ڪري سگھجي ٿو. ان کان سواءِ کيري جو جوس به فيس ماسڪ جي طور تي لڳائي سگھجي ٿو.

گھڻو پاڻي پيئڻ:

جلد ۾ نمي چهري تي ظاهر ٿي ان کي قدرتي چمڪ عطا ڪندي آهي. جلد کي چمڪدار بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ پاڻي پيئو. اها حقيقت آهي ته  جلد جي خوبصورتي جو راز گھڻو پاڻي پيئڻ ۾ آهي ڇو ته اوهان جيترو گھڻو پاڻي پيئندئو اوهان جو جسم اوترو ئي وڌيڪ ٽوڪسن خارج ڪندو ۽ اوهان جي جلد جواب ۽ چمڪدار نظر ايندي.

خوراڪ:

جيڪڏهن خوبصورت نظر اچڻو آهي ته پاڻ لاءِ جنڪ فوڊ بدران متوازن خوراڪ جي چونڊ ڪيو. تريل چٽ پٽين شين جا جلد تي هاڃيڪار اثر پوندا آهن جن جي نتيجي ۾ چهري تي داڻا نڪري ايندا آهن. جيڪڏهن اوهان واقعي خوبصورت نظر اچڻ چاهيون ٿيون ته تريل خوراڪ ۽ تريل يا گھڻين سڻڀين شين کان پاسو ڪيو. ڏينهن ۾ ٽئي ڀيرا پيٽ ڀري کائڻ بدران، وقفي وقفي سان ٿورو ٿورو کائو.

فٽنيس:

فٽ رهي سگھو ٿا ته ان لاءِ روزانو واڪ ڪيو ۽ يوگار ورزش به ڪيو. سٺي خوراڪ ۽ ورزش ٻئي گڏجي اوهان جي جلد کي چمڪدار ۽ صحتمند بنائينديون.

گلابي رنگ لاءِ: اهي سموريون شيون گڏجي اوهان جي رنگ کي ڳاڙهو ۽ اڇو ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون ان کان سواءِ جيڪڏهن اوهان چاهيون ٿا ته اهو گلابي رنگ وڌيڪ واضح ٿي وڃي ته پنهنجي چهري تي بالڪل هلڪو گلابي ميڪ اپ ڪيو. بيوٽي پروڊڪٽس ۾ پنڪ ۽ پيچ ڪلر جي شيڊن جي چونڊ ڪيو. ان جي استعمال سان جي جلد اڃا به وڌيڪ صحتمند ۽ خوبصورت نظر ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.