ڪورونا وائرس بابت افواهن جي روڪ ٿام لاءِ واٽس ايپ اهم قدم کڻي ورتو

ڪيليورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ ڪورونا وائرس بابت پکڙجندڙ افواهن کي روڪڻ ۽ عوام تائين وڌ کان وڌ درست ڄاڻ پهچائڻ لاءِ عالمي ادارن جي ڀائيواري سان نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.

واٽس ايپ گڏيل قومن (يو اين) جي ماتحت اداري يو اين ڊي پي ۽ ٻارن جي صحت بابت ماتحت اداري يونيسيف سوڌو صحت عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) سان گڏجي هڪ فيچر متعارف ڪرايو آهي.

واٽس ايپ پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪورونا وائرس بابت درست ڄاڻ کي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ واٽس ايپ ڪورونا وائرس جو پيج متعارف ڪرايو آهي، جتي ماڻهن کي سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ وبا بابت درست ڄاڻ تائين پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.

واٽس طرفان متعارف ڪرايل ڪورونا وائرس جي ڄاڻ واري فيچر کي نه رڳو صحت بابت عالمي ادارن جي سهڪار سان پيش ڪيو ويو آهي پر ان فيچر ۾ درست ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ميسيجنگ ايپليڪيشن ڪيترن ئي فيڪٽ چيڪر ادارن سان گڏجي به ڪم ڪيو آهي.

ڄاڻايل فيچر ۾ ماڻهن کي ڪوڙي ڄاڻ جي سڃاڻپ جون ٽپس به ڏنيون ويون آهن ۽ گڏوگڏ کين ٻڌايو ويوآهي ته ڪهڙيءَ طرح ڪوڙي ڄاڻ کي اڳتي ڦهلائڻ کي روڪي سگھجي ٿو.

واٽس ايپ ڪورونا وائرس فيچر تحت واهپيدارن کي نه رڳو پنهنجي ڊاڪٽر سان سولائي سان رابطو ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي صحت جي ماهرن کي به پنهنجي مريضن سان سولائي سان رابطو ڪرڻ جون ٽپس ٻڌايون ويون آهن.

فيچر ۾ ماڻهن کي ٻڌايو ويو آهي ته هو ڪهڙيءِ طرح ۽ ڪٿان کان ڪورونا وائرس بابت درست ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا.

واٽس ايپ ڪورونا وائرس فيچر هڪ نيوز پيج جيان ڪم ڪري ٿو، جنهن ۾ ماتحت ادارن جون  لنڪس به ڏنيون ويون آهن ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ ڪهڙيءَ طرح مختلف ملڪن ۾ مختلف فيڪٽ چيڪر ادارن سان گڏجي غلط ڄاڻ کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

واٽس ايپ ڪورونا وائرس فيچر ۾ ٻڌايو ويو ته ڪهڙيءَ طرح واٽس ايپ انڊيا، برازيل ۽ ڪولبيان کان وٺي فرانس تائين مختلف نشرياتي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي درست ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيو آهي.

واٽس ايپ ڪورونا وائرس فيچر کي واٽس ايپ ڊاٽ ڪام سليش ڪورونا وائرس جي يو آر ايل ايڊريس تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

واٽس ايپ ڪورونا وائرس فيچر تي  هن لنڪ ذريعي به وڃي سگھجي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.