فيس بڪ پاران ملازمن کي ڏيڍ لک رپيا ڪورونا بونس ڏيڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ پنهنجي ملازمن کي هڪ هزار آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني تقريبن هڪ لک 60هزار رپيا بونس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

فيس بڪ ڄاڻايل اعلان کان اڳ ئي ڪورونا وائرس جي تيزي سان ڦهلجڻ سبب ملازمن کي گھرن ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي جڏهن ته ڪمپني عالمي وبا سبب ننڍين سوشل ويب سائيٽس ۽ ٽيڪنالوجي فرمز لاءِ به مراعتن جو اعلان ڪيو هو.

پرڏيهي خابرواداري موجب فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ ڪمپني جي ملازمن کي خوشخبري ٻڌائيندي سمورن ملازمن لاءِهڪ هزار آمريڪي ڊالر بونس جو اعلان ڪيو.

ڄاڻايل بونس ڪورونا وائرس سبب گھرن ۾ويهي ڪم ڪندڙ ملازمن سوڌو آفيس ۾ڪم ڪندڙ ملازمن کي به ڏنو ويندو.

رپورٽن موجب فيس بڪ سڄي دنيا ۾ ڪل وقتي ملازمن جو انگ 45 هزار آهي جڏهنته فيس بڪ سان ڪلاڪن جي حساب سان به هزارين ملازم ڪم ڪندا آهن.

فيس بڪ ملازمن کي ڪورونا وائرس بونس ڏيڻ جي اعلان کان اڳئي اعلان ڪيو هو ته ويب سائيٽ سڄي دنيا جي ننڍين ٽيڪنالوجي ڪمپنين ۾10 ڪروڙ آمريڪي  ڊالرن جي رقم ورهائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.