اڃا به ”گهٻرائڻو ناهي“

رزاق عاصي

وزيراعظم صاحب! اميدن تي دنيا قائم آهي اهو نه رڳو صوفين جي ڌرتي سنڌ نه پر آخر اجل تي ايمان رکندڙ ماڻهو (انسان) چوندا آيا آهن، اوهان جي خطاب نه رڳو انهن انسانن جيڪي فطرت تي يقين رکن ٿا ۽ چون ٿا ته جيڪا رات قبر ۾ آهي سا ٻاهر نه ٿيندي، کي به مايوس ڪيو آهي.

خبر ناهي ڇو، اوهان سنڌ تي ڪڙڪيل هن قيامت جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟

خبر ناهي ڇو، اوهان وساري ويٺا ته ملڪ جو عوام هونئن به اميدن تي زنده آهي.

خبر ناهي ڇو، اوهان کي تعصب پرستيءَ ۾ سنڌ حڪومت جي انتظامن جي تعريف وسري وئي.

خبر ناهي ڇو، اوهان کي آڻيندڙ ۽ اوهان جا صلاحڪار اوهان کي اهو ٻڌائڻ وساري ويٺاته وڌيڪ مصيبت ۾ ورتل ملڪ ۾ ڪهڙو صوبو آهي.

خبر ناهي ڇو، اوهان به اها ضرورت محسوس نه ڪئي ته اهڙي ڏکئي وقت ۾ ملڪ جو ڪهڙو صوبو وڌيڪ متاثر آهي، پڇڻ ئي وسري ويو.

خبر ناهي ڇو، اوهان ملڪ جي سپريم ليڊر کان وڌيڪ فقط هڪ حڪم ڪندڙ حاڪم نظر آيا.

خبر ناهي ڇو، اوهان پنهنجي رعيت تي رحم ڪرڻ جهڙي لفظ کي به وساري ويٺا.

جناب وزيراعظم عمران خان صاحب اوهان کي قوم کي خطاب ڪرڻ کان اڳ اها خبر هجڻ گهرجي ها ته اوهان جي رياست (ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان)جا وزيراعظم آهيو، هو رياست دنيا سميت هڪ وبائي عذاب ۾ ورتل آهي، خدا ڄاڻي ٿو ته اسان کي سنڌ حڪومت جي تعريف ڪرڻ جو ڪو به شوق ناهي ۽ نه ئي اوهان تنقيد ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪو ٽارگيٽ مليل آهي، پر هن رياست جو شهري، سنڌ وطن جو رهواسي، اسلامي جمهوريه پاڪستان جو عوام هجڻ جي ناتي اوهان کان صرف اهو سوال ڪري ٿو. ڇا گهٻرائڻو ناهي چوڻ سان ملڪ مٿان اها مصيبت ٽري ويندي، وزيراعظم صاحب رڳو لفظن جي جادو گري نه اوهان کي عملي مظاهرو به ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.