ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ٽوئيٽر پاران نئون ايموجي متعارف

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ پکڙيل ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز طرفان وائرس کان بچاءَ جا قدم کنيا پيا وڃن.

ڪورونا وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري طرفان احتياطي تدبيرون اپنائڻ لاءِ هٿ ملائڻ ۽ هڪ ٻئي کان پري رهڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.

۽ هاڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر طرفان هڪ نئون ايموجي متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو واهپيدارن کي ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ هٿ ڌوئڻ جي حوصلا افزائي ڪندو.

ان ايموجي کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدار کي چار هيش ٽيگز جو استعمال ڪرڻو پوندو.

1-#HandWashing

2-#SafeHands

3-#HandWashChallange

4-#WashYourHand

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.