لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا تيزيءَ سان پکڙجڻ سبب پاڪستان سپر ليگ سيزن 5 کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايونٽ جا ٻئي سيمي فائنل ۽ سڀاڻي ٿيندڙ فائنل کي في الحال ختم ڪيو ويو آهي.
پي سي بي هڪ مختصر ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل 2020 کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ان کي پوءِ ري شيڊيول ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ تفصيل به پوءِ ئي جاري ڪيا ويندا.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڪورونا وائرس جي خطري سبب پي ايس ايل 5 ۾ پلي آف مرحلو ختم ڪري ان کي سيمي فائنل ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ 22 مارچ تي ٿيندڙ فائنل به 18 مارچ تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.