حڪومت ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ لاءِ چيٽ بوٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ فراهم لاءِ وفاقي حڪومت هڪ چيٽ بوٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

وزيراعظم جي ڊجيٽل پروگرام بابت خاص مددگار تانيا ايدرس هڪ ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته اسان جي ٽيم پاڪستانين کي ڄاڻ پهچائڻ لاءِ هڪ اثرائتو طريقي ڪار اختيار ڪرڻ چاهي ٿي.

هن ٻڌايو ته اسان ڪورونا وائرس جي حوالي سان عام خدشا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ چيٽ بوٽ شروع ڪيو آهي، ان چيٽ بوٽ ذريعي توهان پنهنجي ويجهي ليبارٽري به ڳولي سگهو ٿا، جڏهن ته توهان ڪورونا وائرس جي امڪانن جو اندازو ڪرڻ لاءِ بنا دير ٽيسٽ به ڪرائي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.