سنڌ جي زراعت کي تباهي کان بچايو

امتياز چانڊيو

جيتوڻيڪ زراعت ملڪ جي معيشت ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿي، پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ هٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، وقتن بوقتن ايندڙ قدرتي آفتن جيتوڻيڪ ٻوڏن، برساتن، حد کان وڌيڪ گرمي توڙي ٿڌ جي ڪري زراعت کي نقصان پهتو آهي ۽ ٻيو وري لاڳاپيل ادارا به سنڌ جي زراعت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندا آيا آهن، سنڌ جي اهم فصلن سارين، ڪمند، ڪڻڪ، سورج مکي ۽ ڦٽين جا غلط ٻج مارڪيٽن ۾ آڻي ۽ قيمتن ۾ آبادگارن ۽ هارين کي مار ڏيڻ واري عمل به زراعت کي نقصان پهچايو آهي.

بدقسمتي اها به آهي ته جنهن فصل جي سيزن اچي ٿي، فصل پوکجي تيار ٿو ٿئي ته ان سان واپاري توڙي لاڳاپيل ادارا اهڙو حشر ڪن ٿا، جو آبادگارن ۽ هارين جو ٻيهر اهو فصل پوکڻ تان ارواهه ئي کڄي وڃي ٿو، هن وقت سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيو آهي، وڏي خرچ ۽ محنت کان پوءِ فصل پچي راس ٿيو آهي، پر آبادگارن کي صحيح قيمت نٿي ملي، واپاري ۽ منافعي خور ايتري ته قيمت ڪيرائي ڇڏين ٿا جو خرچ ڪيل رقم به آبادگارن کي نٿي ملي ۽ آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، اهڙي ظلم خلاف سڄو سال آبادگار ۽ هاري دانهون ڪندا رهن ٿا پر سندن دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. آبادگار دانهيندا رهن ٿا ته سنڌ ۾ ساڻن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي، فصل پوکڻ وقت ڪنهن به جنس جو معياري ٻج نٿو ملي، جنهن ڪري زراعت کي نقصان ٿئي ٿو.

جيتوڻيڪ پاڪستان جي مجموعي آباديءَ مان 70 سيڪڙو آبادي زراعت تي ڀاڙي ٿي ۽ سنڌ اندر شهر هجن يا ٻهراڙيون هتان جي معيشت گهڻو ڪري زراعت جي چوڌاري ئي گهمي ٿي، هڪ ته پاڻيءَ جي کوٽ، ٻيو جر کارو ٿيڻ، ٽيون حصي جو پاڻي نه ملڻ، فصل پوکجن ته ٻج ۽ ڀاڻ مهانگو ملن ۽ جڏهن فصل تيار ٿئي ته اگهه ڪيرائي ڇڏڻ واري روش سنڌ جي زراعت کي تباهيءَ ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، زراعت جي سار سنڀال ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ جي ذميوار ادارن جي ڪن لاٽار به زرعي سنڌ کي ڄڻ ته ڀڻ ڀانگ ڪري ڇڏيو آهي، آبادگارن ۽ هارين کي فصلن جو صحيح اگهه نٿو ملي، ڪافي وقت کان وٺي سٺا ٻج سنڌ ۾ ملڻ ۽ پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار خاص طور تي سنڌ جي زراعت کاتي کي تڪڙا اپاءَ وٺي سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ آبادگارن سان اختيار ڪيل ظالماڻي رويي جو سختي سان نوٽيس وٺندي جعلي ٻج مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسانن جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي انهن جي خوراڪ پوري ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ نوان ٻج متعارف ڪرايا وڃن، قدرت جي مهربانين سان سڄي سنڌ جي زمين زرخير آهي، زمين جي جنهن به حصي ۾ پاڻي پهچائي ڪو ٻج اڇلايو وڃي ٿو ته اهو سٺي نموني ڦٽي ٿو ۽ سٺي پيداوار ڏئي ٿو، جنهن مان انسان، جانورن ۽ پکي پنهنجي خوراڪ جو پوراءُ ڪن ٿا. تنهن ڪري زراعت واري شعبي ڏانهن خاص ڌيان ڏئي آبادگارن ۽ هارين جي هلندڙ فصل جو مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار ۽ هاري فائدو حاصل ڪري سگهن، ڇو ته هتي ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته جڏهن فصل مارڪيٽ ۾ ايندو آهي ته ان جي قيمت ٽڪي ڌڙي لڳائي وڃي ٿي ۽ جڏهن فصل واپارين وٽ هوندو آهي ته ان جي قيمت آسمان تي چاڙهي ويندي آهي. جيئن هن وقت ٽماٽي سان حشر ڪيو ويو آهي، هڪ وقت ۾ ٽماٽو في ڪلو 440 روپيا وڪرو ڪيو ويو ۽ جڏهن ٽماٽو گهڻي مقدار ۾ تيار ٿي آيو آهي ته بدين جي دوست رازق ڏنو کوسو ٻڌايو پئي ته هن وقت ٽماٽو 6 روپيا ڪلو به ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن اهڙو ئي حال رهيو ته ايندڙ وقت ۾ وري ٽماٽي جي کوٽ پيدا ٿي ويندي ڇو ته آبادگار جو پوکيل ٽماٽو مان خرچ جيترا به پيسا نٿا نڪري سگهن ۽ سچ ته هن وقت بدين جي ٽماٽي جي آبادگار جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.