ڇا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪورونا وائرس کان پنهنجن شهرين کي محفوظ رکي سگهن ٿيون؟

عتيق ملاح

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي، چين، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهن جي فوت ٿيڻ وارين خبرن سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي شدت ۽ خوف کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، خبرن ۾ اچي پيو ته سڄو يورپ به ڪورونا جو شڪار آهي، اٽلي ۾ 168 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ايران ۾ 54 ۽ ٻين چين ۾ فوت ٿيندڙ جو انگ هزارن ۾ پهتل آهي. ڪورونا وائرس هاڻ پاڪستان ۾ به پهچي چڪو آهي، سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ 19 ڪورونا وائرس جا مريض رپورٽ ٿيا آهن.

سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي هڪ مريض عورت جي تصديق ٿي چڪي آهي، جنهن کي فوري طور تي سول اسپتال حيدرآباد جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل عورت قاسم آباد جي علائقي نقاش ولاز جي رهواسڻ آهي، هو 3 ڏينهن اڳ سيريا وايا دوها وٽان پاڪستان آئي هئي. کيس بخار، کنگهه ۽ نزلي جي شڪايت هئي جنهن جي ڪري سندس ٽيسٽون اسلام آباد موڪليون ويون. اسلام آباد جي ليبارٽري ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ صحت کاتي جون ٽيمون سندس گهر پهتيون ۽ کيس فوري طور تي سول اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. آئيسو ليشن وارڊ ٻاهران پوليس جا سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن به عام ماڻهو کي ڄاڻايل وارڊ ڏانهن وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.

خبرن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته هڪ طرف ڪورونا وائرس جي خوف شهرين کي ذهني پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ڊي جي هيلٿ جي عملي سميت اسپتال جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي حوالي سان ميڊيا کي معلومات ڏيڻ تي پابندي وجهي ڇڏي آهي ۽ ڪو به ذميوار ڊاڪٽر ان سلسلي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪورونا وائرس جو حيدرآباد پهريون ڪيس ظاهر ٿيڻ جي ڪري شهرين ۾ خوف ۽ حراس واري ڪيفيت ڇانئجي وئي آهي.

معلوم ٿيو آهي ته صحت کاتي پاران ڪورونا وائرس جي شڪي مريضن کي چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي کي پروٽيڪشن ڪٽس فراهم نه ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو مريضن کي تپاسڻ کان گريز ڪرڻ لڳو آهي. ڪورونا وائرس جو ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ شهر ۾ ماسڪن جي خريداري وڌي وئي آهي ۽ اسپتالن ۾ ايندڙ مريض توڙي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ ماسڪ پائڻ شروع ڪيا آهن.

هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جتي صحت جي حوالي سان تمام گهڻيون سهولتون موجود آهن، جتي جديد مشينري ۽ بهترين اسپتالون موجود آهن اتي به هن وائرس جي نتيجي ۾ ماڻهو مري رهيا آهن ته  پاڪستان جهڙي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جهڙي صوبي ۾ سرڪار پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي انتظام ٿي سگهن ٿا، هتي ته معمولي بخار ۾ به ماڻهو اسپتالن جا چڪر ڪاٽي زندگي جي جنگ هارائي ويهن ٿا اتي ڪورونا جهڙي خطرناڪ وائرس کان انساني جانيون ڪيئن محفوظ رهي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ ته شروعات ۾ ئي ميڊيڪل عملي کي سهولتون نه ملڻ ۽ ماڻهن کي ڪورونا وائرس بابت صحت کاتي پاران ڄاڻ فراهم ڪرڻ واري عمل ۾ ئي ڪوتاهيون نظر اچي رهيون آهن. سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين عام بيمارين تي به ضابطو نٿو اچي، روز سوين ماڻهو مرن ٿا، پر ڪورونا وائرس هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا دنيا ۾ اوچتو پيدا ٿي آهي جنهن کان بچاءُ جي ڪا ويڪسين به تيار نه ٿي آهي، ان بيماري ۾ مبتلا مريضن جي علاج جو طريقيڪار واضح ناهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ هي وائرس وڏي تيزي سان پکڙجي ويو ته ڪيتريون ئي انساني جانيون خطري ۾ پئجي وينديون.

هوڏانهن سنڌ جي صحت کاتي ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته نمونيا، زڪام محسوس ڪندڙ فوري طور تي ٽيسٽون ڪرائين، پر ان سان گڏ صحت کاتي اهو واضح ڪيو آهي ته ايڊوائيزري جاري ڪئي آهي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته هر ماڻهو ليبارٽري ۾ بيٺو هجي، ڪروڙين ماڻهن جي ٽيسٽن لاءِ سنڌ حڪومت وٽ ايترا وسيلا ئي ناهن. وفاقي  حڪومت جو رويو جيئن ٻين معاملن ۾ صوبن سان رهندو آهي تيئن ئي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي ۾ به نظر اچي رهيو آهي، هن وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏن شهرن جي سطح تي وفاقي حڪومت جو ڪو به ڪردار نظر نٿو اچي.

ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر سنڌ ۾ صحت جون سهولتون گهٽ هجڻ ڪري ڪورونا وائرس بابت انتظامن جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، عدالت به اهو چيو آهي ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به ماڻهو ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ مري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.