اي جي پي سنڌي عورت تنظيم اڳواڻن پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

لياري ( رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو )عوامي جمھوري پارٽي  عورت تنظيم ضلعي ڏکڻ   جي ھنگامي گڏجاڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نجما مهيشوري جي  صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ڪراچي (ڏکڻ) ضلعي جي صدر آمنا نواز ڦل مختلف يونٽن جون عهديدار رابعا بلوچ، شرفناز بلوچ، زينت، جمنا جمعون واڍو، سونا مهيشوري،  چوٿي ٻائي،   سنيتا مهيشوري، املان مهيشوري، گڏي مهيشوري  شرڪت ڪئي،گڏجاڻي ۾ عوامي جمهوري پارٽي انٽيلڪچوئل فورم جي چيف آرگنائيزر محترم رشيد سڌائي مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ايف آءِ آر جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته پرامن سياسي ۽ سماجي ڪارڪن مٿان داخل ڪوڙي ايف آءِ آرختم ڪئي وڃي،  عورتن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عوامي جمھوري پارٽي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ابرار قاضي، امان الله شيخ، رشيد سڌايو، امداد پنھور، زاھدا ڏاھري ۽ قاسم شيخ کي آمراڻي طريقي سان ٽيليفونڪ حڪم وسيلي پارٽي ميمبرشپ ختم ڪرڻ واري فيصلي جي مذمت ڪريون ٿيون، ڇو ته اھو فيصلو سراسر غير آئيني ۽ غير جمهوري آھي، سنڌي عورت تنظيم اي جي پي مرڪزي جنرل سيڪريٽي نجما مهيشوري،  ايس اي ٽي ضلعي ڏکڻ صدر آمنا نواز ڦل سميت سڀني ميمبرن چيو ته پارٽي جي اهڙي فيصلي خلاف سنڌي عورت تنظيم (اي جي پي)جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي رھيون آھيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.