دوڙ مسئلن جي ورچڙهي ويو، ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز، هر طرف گندگي جا ڍير

دوڙ(رپورٽ: غلام مصطفيٰ بروھي)پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ صوبائي وزير صحت جو تڪ ضلعو شهيد بينظير آباد جو سڀ کان وڏي آبادي وارو مين ريلوي لائين تي واقع تعلقي هيڊ ڪوارٽر وارو هي شهر بي ڌياني، لاپرواهي ۽ ڪرپشن سبب هن جديد دور ۾ به مسئلن جي ورچڙهي وڃڻ بعد تباھي ۽ کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، امير ترين ٽائون ڪاميٽي دوڙ جنهن ۾ ڪروڙين روپين جا فنڊ اچن ٿا، پر 10 سالن کان شهر جي اندر ڪا به خوبصورتي توڙي تبديلي نظر نه آئي آهي، شهر جي مسئلن تي عوامي آواز طرفان ڪيل سروري دوران دوڙ شهر جي سياسي، سماجي، قومپرست، مذهبي معزز شخصيتن جن ۾ ايس ٽي پي تعلقي دوڙ جي صدر علي لغاري، ايس يو پي اڳواڻ غلام قمبر مري، مجاهد رستماڻي، پ پ (ش ڀ) جي منظور علي جلباڻي، آبادگار اڳواڻ امير علي جمالي، سماجي اڳواڻ عارف سمون، اخلاق حسين مري، سعيد احمد خاصخيلي ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو آهي ته لکين انساني جانين کان وڌيڪ آبادي واري دوڙ شهر جا 9 ئي وارڊ جن ۾ محلو علي آباد، محلو حسين آباد، رضا آباد، غريب آباد، اسٽار ڪالوني، محبوب ڪالوني، نظير ڪالوني، آرا ڪالوني، شمشو شاهه ڪالوني، شاهه لطيف ڪالوني، ماڊل ڪالوني، دبئي بنگلوز، نظير ڪالوني، هائوسنگ سوسائٽي، اسٽار ڪالوني ۽ کڏا پاڙو سميت شهر جون اهم بازارون جمالي روڊ، مورو روڊ بازار، سميت ڪيترين ئي علائقن ۾ روڊ رستن جي سهولت نه آهي، صفائي نه ٿيڻ ڪري هر محلي جي گلي ۽ گهٽي  گندگي، ڪچرن جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون آهن. ٽائون ڪاميٽي ۾ سوين سفيد پوش سفارشي ۽ رشوت عيوض ڀرتي ٿيل عملو گهر ويٺي پگهارون حاصل ڪندا رهندا آهن، شهر اندر ڪوبه تفريحي پارڪ ناهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اسٽيشن ڀرسان بهترين پبلڪ پارڪ هنيو، ليڪن سالن کان بلديه جي نااهلي سبب اهو اڄ پبلڪ پارڪ تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان پوءِ ڪچري پوڻ کان ختم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪچري جا ڍير ڏيک ڏئي رهيا آهن، شھيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي سڙي ويل پراڻي ٽائون ڪميٽي ۽ پيئڻ جي پاڻي واري قديمي پراڻي ٽانڪي کي ٻيهر تعمير ناهي ڪيو ويو، جيڪي ڀري ڀور ٿيڻ لڳيون آهن، شهر اندر ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل دريا خان جلباڻي جي نالي سان منسوب لائبريري جي بهترين بلڊنگ سالن کان ڀرڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان کي پڙهيل لکيل نوجوانن حوالي ڪرڻ بجاءِ وڏا تالا هنيا ويا آهن.17

دوڙ ۾ تلائن جو پاڻي گدلو ٿي ويو، شهري پيئڻ لاءِ پريشان

دوڙ: دوڙ جي شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ بجاءِ واٽر سپلاءِ تي موجود تلائن کي چوديواري نه هجڻ ڪري تلائن جو گدلو پاڻي ڊائريڪٽ شهرين کي موڪليو ويندو آهي، گدلي پاڻي واپرائڻ سبب شهري سائي توڙي پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا رهندا آهن، شهر اندر 2 عدد ننڍا فلٽر آهن، جيڪي پڻ ناڪاره بڻيل آهن، دبئي بنگلوز ڪالوني ۾ واٽر سپلائي جي سهولت نه هئڻ ڪري رهواسي ڏورانهين پنڌ کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن.17

دوڙ جي مال پڙي بنا نيلامي جي مهينن کان هلندڙ، لکين رپيا ڪرپشن جو انڪشاف

دوڙ: دوڙ جي مشهور چوپائي مال پڙي جيڪا چيئرمين توڙي انتظاميه جي ملي ڀڳت سان بنا نيلامي جي ڪيترن ئي مهينن کان هلي رهي آهي، جنھن جو هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ باوجود پڙي جي نيلامي نٿي ڪئي وڃي، هر مهيني لکين روپيا بااثر ٺيڪيدار ۽ ٽائون چيئرمين ديده دليري سان ميڙيو پيا وڃن، پر ان سلسلي ۾ کانئن ڪير پڇڻ وارو نه ناهي، مال پڙي جي نيلامي واري مسئلي تي چونڊيل ڪائونسلرن توڙي شھرين طرفان ڪجهه مهينا اڳ احتجاج ۽ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي هئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.