ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم، واڌو بجلي موجود آهي: عبدالرزاق دائود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپار بابت مشير عبدالرزاق دائود چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جو بحران هيو، چين جي مدد قابو پاتو، اڄ ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم ٿي چڪو آهي ۽ واڌو بجلي موجود آهي، چين تي اعتماد آهي ته پاڪستاني معيشت تيزي سان ترقي ڪندي.

عبدالرزاق دائود صنعتي ترقي جي موضوع تي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم ٿي چڪو آهي، واڌو بجلي موجود آهي، منصوبي تحت گوادر ۾ صنعتون لڳڻ شروع ٿي چڪيون آهن، پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم ٿي چڪي آهي ۽ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪ چين واپار معادي ۾ خانگي شعبن تي ترجيح ڏني پئي وڃي، ان مرحلي ۾ زرعي سهڪار کي به شامل ڪيو ويو آهي، ٻين مرحلي ۾ سماجي سهڪار به شامل آهي، چوٿين توجه سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ سهڪار تي ٻڌل آهي.

سندس چوڻ هو ته چين جي ترقي جو سفر خصوصي اقتصادي زورنز کان شروع ڪيو، بنيادي ڍانچو سيڙپڪاري کي سهولت فراهم ڪري ٿو، وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي وزنري آهي، ڊائريڪشن ۽ ويزن سان چيني سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ٿي.

واپار بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته چين پاڪستان ۾ ايس اي سيز ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ايس اي سيز ۾ ٻين ملڪن جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪيون ٿا، چين تي اعتماد آهي ته پاڪستاني معيشت تيزي سان تري ڪندي.

عبدالرزاق دائود چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جو بحران هو، چين گھڻي مدد فراهم ڪئي، هاڻ وقت صنعت، زراعت ۾ سهڪار وڌائڻ جو آهي، ريلوي ۾ به چين سان سهڪار جا خواهشمند آهيون، سي پيڪ پاڪستان کي چين ۽ وچ اوڀر ۾ منڊين تائين پهچ فراهم ڪندو.

هن چيو ته 18 مهينن جي محنت سان رپيو مستحڪم ٿيو، فيبروري ۾ سالياني بنياد تي ايڪسپورٽ ۾ 13.6 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ٻين ملڪن جي ايڪسپورٽ ۾ گھٽتائي ٿي پر پاڪستان ۾ واڌ ٿي.

سندس چوڻ هو ته عالمي منڊي ۾ تيل جا اگھه گھٽ ٿيا، جنهن سبب جاري خساري ۾ اڃان گھٽتائي ايندي، ٽيڪسٽائيل سوڌو ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ٽيڪسٽائيل شعبي جو مسئلو منڊي نه پر استعداد آهي.

عبدالرزاق دائون جو وڌيڪ چوڻ هو ته يورپ کان جي ايس پلس کي هٿي ملي آهي، جنهن تحت اسان کي مارڪيٽ تائين پهچ ملي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.