ڇا حڪومت واقعي نواز شريف جي واپسي ۾ سنجيده آهي ؟

(دوست حفيظ چنا)

سنڌي ۾ هڪ عام چوڻي آهي، همدردي ڪيو ۽ دياءَ ۾ اڇلايو، مطلب ته همدردي ڪيو ته برد باري رکو ۽ اهو احسان نه جتايو ته مون ڪا همدردي ڪئي آهي، پر همدري ڪري پڇتائڻ ته بيوقوفي جي برابر آهي، يعني همدردي ڪري پوءِ پڇتايو ته اها ته غلطي ٿي وئي پر ڪيل همدردي غلط به محسوس ٿئي ته ان تي گهٽ ۾ گهٽ پاڻي ته نه ڦيريو.

تازو نوازشريف جي واپسي تي وفاقي حڪومت سخت ايڪشن ۾ اچي وئي آهي ۽ حڪومت اڳوڻي وزيراعظم کي طبعي بنيادن تي انساني همدردي جي جذبي تحت جيڪو فيصلو ڪندي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، اهو فيصلو کين هاڻي غلطي محسوس ٿي رهيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي ملڪ کان ٻاهرين موڪلڻ جو ذميوار موجوده حڪومت سڀ کان پهريان ان ڏوهه جو سمورو ملبو عدليه تي وڌو پوءِ پنهنجي ئي يعني پنجاب حڪومت جي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ تي ۽ تازو ميڊيا کي قصور وار قرار ڏنو آهي، پنجاب حڪومت ميان نواز شريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ اڻپوري هئڻ جي بنياد تي ان جي ضمانت ۾ واڌ نه ڪرڻ خلاف درخواست جو فيصلو ڪيو آهي، ياد رهي ته نواز شريف جي صحت جي معاملي تي انساني همدردي جي بنياد تي پنجاب حڪومت هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هئو، جنهن بعد نواز شريف جي ضمانت ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃي علاج ڪرائڻ جي حمايت ڪئي هئي، ميان نواز شريف 19 نومبر 2019 کان علاج جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ رهائش پزير آهي

نوازشريف جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان فورن پوءِ وزيراعظم ايڪشن ۾ اچي ويو ته نوازشريف ته صحتمند هئو، هو ته حشاش بشاش جهاز ۾ چڙهي ويو، پر وزيراعظم عمران خان پنهنجي ئي حڪومت يعني پنجاب حڪومت جي ميڊيڪل بورڊ کان نه پڇيو ته اوهان غلط رپورٽ ڇو ڏني، پي ٽي آئي حڪومت ته ان ئي وقت انساني بنيادن تي ڪيل همدردي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، تازو حڪومت نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ وارو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن بعد پنجاب حڪومت 25 فيبروري 2020ع تي نواز شريف جي ضمانت جي واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ وفاق کي ڪاروائي لاءِ خط لکيو هو، چند ڏينهن پهريان وزيراعظم جي معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف جي اعلاج جي ڪابه رپورٽ پنجاب حڪومت وٽ جمع نه ڪرائي وئي آهي ۽ هاڻي ميان نواز شريف کي واپس آڻڻ جو وقت ٿي چڪو آهي، هن اعلان ڪيو ته حڪومت نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. 

دفتر خارجه ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته برطانيه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ميان نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستاني سفارتڪار پاڪستاني حڪومت پاران لکيل خط فارن اينڊ ڪامن ويلٿ آفيس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اهو خط پنجاب حڪومت جي سفارش تي وزات خارجه پاران لکيو ويو آهي، برطانوي حڪومت طرفان ان جو ڪو جواب نه آيو آهي.

جڏهن ته ن ليگ جي ذريعن اڳوڻي وزيراعظم جي صحت متعلق ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ميان نواز شريف جي دماغ کي خون سپلاءِ ڪندڙ شريان بلاڪ ٿي چڪي آهي، ان جو معائنو سوئزرلينڊ ۽ آمريڪا جي ڊاڪٽرن ڪيو آهي، جنهن جو جلد آپريشن ڪرائڻ جو چيو ويو آهي، ٻئي طرف نوازشريف پنهنجي آپريشن مريم نواز جي لنڊن آمد سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگ پاران ۽ اپوزيشن جماعتن پاران حڪومت کي تنقيد جو نشانو ٿو بڻايو وڃي ته هو نوازشريف جي صحت تي سياست نه ڪن. 

نواز شريف جي ملڪ کان ائين وڃڻ تي ڪجهه ڌرين ۾ ڊيل جا چو ٻول هليا جنهن کي حڪومت ۽ خود ن ليگ رد ڪيو، هاڻي ڏسجي ته حڪومت ميان نوازشريف کي واپس آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا اهو ڊيل کي لڪائڻ جو هڪ ٻيو حربو آهي، جيڪڏهن حڪومت واقعي نواز شريف جي واپسي لاءِ سنجيده آهي ته ڊيل واريون ڳالهيون ڪوڙيون ثابت ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.