سون في تولو  1950 رپيا وڌي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي في تولو  اگھه 1950 رپيا وڌي ويو.

سنڌ ۾ صرافا بازار جيولزر ايسوسيئيشن موجب 1950 رپيا واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ تولو سون جي قيمت 94100 رپيا ٿي وئي آهي.

ايسوسيئيشن ٻڌايو ته 10 گرام سون جو اگھه 1671 رپيا واڌ سان 80675 رپيا آهي.

ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافا بازار ۾ سون جو قدر 42 ڊالرن جي واڌ سان 1638 ڊالر في اونس آهي.

خيال رهي ته فيبروري جي آخري هفتي ۾ سون جي اگھه ۾ رڪارڊ واڌ ٿي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.